Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 5:8 - Sindhi Bible

8 تنهنڪري اچو تہ عيد ڪريون، نہ پراڻي خمير سان، نڪي برائيءَ ۽ شرارت جي خمير سان، پر صاف دليءَ ۽ سچائيءَ جي بي خميري مانيءَ سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 تنهنڪري اچو تہ تهوار ملهايون، پر خمير يعني برائيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان نہ، بلڪ صاف‌دليءَ ۽ سچائيءَ سان، جيڪي بي‌خميري روٽيءَ مثل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تنهنڪري اچو تہ عيد ملهايون، پر خمير يعني برائيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان نہ، بلڪ صاف‌دليءَ ۽ سچائيءَ سان، جيڪي بي‌خميري مانيءَ مثل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 تنھنڪري اچو تہ عيد ڪريون، پر نہ پراڻي خميري يعني برائيءَ ۽ شرارت جي خميري سان، بلڪ صاف⁠دليءَ ۽ سچائيءَ جي بي⁠خميري مانيءَ سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 5:8
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جي بڇڙائين جو خداوند حساب نٿو ڪري، ۽ جنهن جي دل ۾ ٺڳي ڪانهي.


جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.


ست ڏينهن برابر اوهين فطيري ماني کائجو؛ بلڪ پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گهرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇالاءِ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين خميري ماني کائيندو، سو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو.


ست ڏينهن اوهان جن گهرن ۾ خمير جو نالو ئي نہ هجي؛ ڇالاءِ تہ جيڪو ماڻهو ڪا خميري شيءِ کائيندو، سو اسرائيلين جي جماعت مان تباهہ ڪيو ويندو، پوءِ اهو مسافر هجي توڙي انهيءَ ملڪ ۾ ڄاول هجي.


۽ انهيءَ رات جو، هو انهيءَ جو گوشت پچائي، فطيري مانيءَ ۽ ڪوڙيءَ ڀاڄيءَ سان گڏ کائين.


ست ڏينهن تون بي خميري ماني کائج، ۽ ستين ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.


انهن ستن ئي ڏينهن ۾ بي خميري ماني کائبي، ۽ ضروري آهي تہ ڪابہ خميري ماني تو وٽ ڏسڻ ۾ نہ اچي، نڪي تنهنجين سڀني سرحدن جي اندر تو وٽ خمير ڏسڻ ۾ اچي.


۽ هن جبل تي لشڪرن جو خداوند سڀني قومن جي لاءِ ٿلهين شين جي مهماني ڪندو، شرابن جي ڀريل مٽن سان؛ مک سان ڀريل ٿلهين شين سان، ۽ چڱيءَ طرح صاف ٿيل شراب جي مٽن سان.


جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن، تيئن اوهين گيت ڳائيندا؛ ۽ جيئن ڪو ماڻهو بانسري وڄائيندي خداوند جي جبل تي، يعني اسرائيل جي ٽڪر تي ويندو آهي تيئن اوهين دل ۾ خوش ٿيندا.


۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ خداوند جي لاءِ فطيري مانيءَ جي عيد آهي: ست ڏينهن اوهين فطيري ماني کائجو.


تڏهن هنن کي سمجهہ ۾ آيو تہ هن کين مانيءَ جي خمير کان نہ، پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان خبردار رهڻ لاءِ ٿي چيو.


پوءِ يسوع چين تہ خبردار ٿجو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان پاڻ سنڀالجو.


۽ هن تاڪيد ڪري چين، تہ خبردار ٿجو، فريسين جي خمير ۽ هيرودين جي خمير کان سنڀالجو.


انهي وچ ۾ جڏهن هزارين ماڻهو اچي مڙيا، ايتري قدر جو هڪ ٻئي تي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا، تڏهن پهريائين پهريائين پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ فريسين جو خمير، جو رياڪاري آهي، تنهن کان سنڀالجو.


يسوع نتن ايل کي پاڻ وٽ ايندو ڏسي سندس نالي چيو تہ ڏسو، سچو اسرائيلي، جنهن ۾ ڪابہ ڏائي ڏنگي ڪانهي!


هن ڪري جو اوهين اڃا جسماني آهيو، ڇو جو جڏهن اوهان ۾ حسد ۽ جهيڙو جهڳڙو آهي، تڏهن اوهين جسماني ناهيو ڇا، ۽ دنياوي ماڻهن وانگر نٿا هلو ڇا؟


ايتري قدر بہ ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوهان ۾ زناڪاري آهي، ۽ زناڪاري بہ اهڙي جا غير قومن ۾ بہ ڪانهي؛ بلڪ اوهان مان هڪڙو تہ پنهنجي پيءُ جي زال ويهاريو ويٺو آهي.


اوهين جو فخر ٿا ڪريو سو چڱو نہ آهي. اها خبر نہ اٿوَ ڇا، تہ ٿورو ئي خمير ساري ڳوهيل اٽي کي خميرو ڪيو ڇڏي؟


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


ڇالاءِ جو اسين انهن گهڻن جهڙا نہ آهيون، جي خدا جي ڪلام ۾ واپار ٿا ڪن؛ پر اسين دل جي سچائيءَ سان ۽ خدا جي طرفان، ۽ خدا جي حضوريءَ ۾، مسيح ۾ ٿا ڳالهايون.


آئون حڪم وانگر ائين نٿو چوان، پر انهي لاءِ ٿو چوان تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوهان جي محبت جي سچائي آزمايان.


شل انهن سڀني تي فضل هجي، جيڪي اسان جي خداوند يسوع مسيح سان لازوال محبت ٿا رکن.


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني فطيري مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي وڃي حاضر ٿين: ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچن:


تون انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائج؛ ست ڏينهن تون انهيءَ سان گڏ بي خميري ماني کائج، يعني ڏک جي ماني؛ ڇالاءِ جو تون مصر جي ملڪ مان تڙتڪڙ ۾ نڪري آئين: سو جنهن ڏينهن تون مصر جي ملڪ مان نڪتين، اهو ڏينهن پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ياد رکج.


تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو.


تان تہ اڳتي پنهنجي باقي جسماني زندگي ماڻهن جي نفساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موافق گذاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ