Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 5:12 - Sindhi Bible

12 ڇالاءِ تہ جيڪي ڌاريا آهن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ائين نہ آهي ڇا تہ اوهين انهن تي فتويٰ ڏيندا جي پنهنجا آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12-13 جيڪي ڌاريا آهن تن بابت فيصلو ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ڌارين بابت ايشور پاڻ فيصلو ڏيندو. پر جيڪي بڇڙائي ڪندڙ اوهان منجھہ آهن، تن جي خلاف فيصلو ڏيڻ سان اوهان جو واسطو نہ آهي ڇا؟ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اوهين پنهنجي ٽولي مان اهڙي بڇڙي ماڻهوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12-13 جيڪي ڌاريا آهن تن بابت فيصلو ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ڌارين بابت خدا پاڻ فيصلو ڏيندو. پر جيڪي بڇڙائي ڪندڙ اوهان منجھہ آهن، تن جي خلاف فتويٰ ڏيڻ سان اوهان جو واسطو نہ آهي ڇا؟ جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اوهين پنهنجي ٽولي مان اهڙي بڇڙي ماڻهوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جيڪي ڌاريا آھن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منھنجو ڪھڙو واسطو؟ پر اوھين رڳو پنھنجن مان بڇڙائي ڪندڙ تي فتويٰ ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 5:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن کي چيائين تہ اوهان کي خدا جي بادشاهي جي ڳجهہ جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، مگر جيڪي ٻاهر آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن طور ٿيون ٻڌائجن،


پر هن چيس، تہ اي ادا، مون کي اوهان جي مٿان منصف يا امين ڪنهن ٺهرايو آهي؟


يسوع جواب ڏنو، تہ منهنجي بادشاهت هن دنيا جي نہ آهي: جيڪڏهن منهنجي بادشاهت هن دنيا جي هجي ها تہ هوند منهنجا نوڪر وڙهن ها، انهي لاءِ تہ آئون يهودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان: پر هاڻي منهنجي بادشاهت هتي جي نہ آهي.


وقت کي غنيمت ڄاڻي جيڪي (ڪليسيا کان) ٻاهر آهن، تن سان ڏاهپ سان هلت ڪريو.


تان تہ جيڪي ڪليسيا کان ٻاهر آهن تن کان عزت مليوَ ۽ ڪنهن جا بہ محتاج نہ ٿيو.


جيڪي ٻاهر آهن تن وٽ بہ نيڪ ناموس وارو هئڻ گهرجي؛ تہ متان ملامت ۾ يا شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ