Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 5:10 - Sindhi Bible

10 ائين نہ آهي تہ هن جهان جي زناڪارن سان يا لالچين ۽ ظالمن سان، يا بت پرستن سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان اوهان کي ضرور جهان مان نڪري وڃڻو پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 منهنجو مطلب اهو نہ هو تہ اوهين هن سنسار جي زناڪارن، لوڀين، دغابازن ۽ بتن جي پوجارين سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ لاءِ اوهان کي ضرور هن سنسار مان نڪري وڃڻو پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 منهنجو مطلب اهو نہ هو تہ اوهين هن دنيا جي زناڪارن، لالچين، دغابازن ۽ بت‌پرستن سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ لاءِ اوهان کي ضرور هن دنيا مان نڪري وڃڻو پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 منھنجو مطلب اھو نہ آھي تہ اوھين ھن جھان جي زناڪارن، لالچين، دغابازن ۽ بت⁠پرستن سان لاڳاپا ئي لاھي ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان اوھان کي ضرور ھن جھان مان نڪري وڃڻو پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 5:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.


جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها، تہ دنيا هوند پنهنجن کي ڀانئين ها، پر ڇالاءِ جو اوهين دنيا جا نہ آهيو، مگر مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري.


جيڪي ماڻهو تو مون کي دنيا مان ڏنا آهن، تن کي مون تنهنجو نالو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي: اُهي تنهنجا هئا، ۽ تو اُهي مون کي ڏنا آهن، ۽ انهن تنهنجو ڪلام بجا آندو آهي.


آئون هنن لاءِ ٿو سوال ڪريان: دنيا لاءِ نٿو ڪريان، پر اُنهن لاءِ، جي تو مون کي ڏنا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي تنهنجا آهن.


۽ هن چين تہ اوهين آهيو هيٺ جا، ۽ آئون آهيان مٿان جو: اوهين هن دنيا جا آهيو، آئون هن دنيا جو نہ آهيان.


ڪٿي آهي ڏاهو؟ ڪٿي آهي عالم؟ ڪٿي آهي جهان جو بحث ڪندڙ؟ خدا جهان جي ڏاهپ کي بيوَقوفي ڪري نہ ڇڏيو آهي ڇا؟


جن ايمان نہ آندو آهي تن مان جيڪڏهن ڪو اوهان کي دعوت ڏئي، ۽ اوهين وڃڻ لاءِ راضي هجو، تہ جيڪي اوهان جي اڳيان رکيو وڃي سو کائو، ۽ ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو.


پر هاڻي آئون اوهان کي لکان ٿو تہ جيڪي ڀائر ٿا سڏائين، تن مان جيڪڏهن ڪو زناڪار، يا لالچي، يا بت پرست، يا گلاخور، يا شرابي، يا ظالم هجي تہ انهي سان صحبت نہ رکو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ سان گڏ کائو بہ نہ.


مون پنهنجي خط ۾ اوهان ڏانهن لکيو هو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکو.


ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي.


جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛


تہ اوهين بي قصور ۽ بي ضرر ٿيو، ۽ انهن ڏنگن ۽ نرڄن جي زماني ۾، اوهين خدا جا بي عيب ٻار ٿي رهو، جنهن جي وچ ۾ اوهين اهڙا ٿا ڏسجو جهڙا دنيا ۾ چراغ؛


هو دنيا جا آهن، تنهنڪري دنيا جون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ دنيا انهن جي ٻُڌي ٿي.


اي پيارو، اچو تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون: ڇالاءِ جو پيار خدا جي طرفان آهي؛ ۽ جيڪو پيار ٿو ڪري سو خدا مان پيدا ٿيو آهي، ۽ خدا کي سڃاڻي ٿو.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ