Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 4:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو آئون ڀانيان ٿو تہ خدا اسان رسولن کي سڀني کان پويون ٺهرائي، اهڙن ماڻهن وانگر پڌرو ڪيو آهي، جن کي موت جي سزا ڏنل هجي؛ هن ڪري جو اسين جهان ۽ ملائڪن ۽ ماڻهن لاءِ هڪڙو تماشو ڪيا ويا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اٽلندو منهنجي خيال ۾ ايشور اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن کي سڀ کان هيٺاهون ڪري انهن ماڻهن وانگر پيش ڪيو آهي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو هجي. هائو، اسين ماڻهن توڙي دوتن لاءِ، بلڪ سڄي سنسار لاءِ هڪ تماشو بڻايا ويا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اٽلندو منهنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان هيٺاهون ڪري انهن ماڻهن وانگر پيش ڪيو آهي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو هجي. هائو، اسين ماڻهن توڙي فرشتن لاءِ، بلڪ سڄي دنيا لاءِ هڪ تماشو بڻايا ويا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 منھنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان ھيٺاھون ڪري انھن ماڻھن وانگر پيش ڪيو آھي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو ھجي. اسين جھان، فرشتن ۽ ماڻھن لاءِ ھڪ تماشو بڻايا ويا آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 4:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ اسين تہ سڄو ڏينهن تو لاءِ پيا مارجون؛ ۽ ڪوس جي رڍن وانگي پيا ڳڻجون.


آءٌ گهڻن جي نظر ۾ حيرانيءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ پر تون منهنجي مضبوط پناهہ آهين.


ڇالاءِ آءٌ پيٽ مان نڪتس، تہ تڪليف ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن خواريءَ ۾ گذري وڃن؟


۽ سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو ۽ هو سڀ گڏجي گيوس ۽ ارسترخس، جي مڪدونيہ جا ماڻهو هئا، ۽ سفر ۾ پولس جا ساٿي هئا، تن کي پڪڙي تماشگاهہ ۾ وٺي آيا.


۽ آسيہ جي مکيہ عملدارن مان ڪن، جي سندس سڄڻ هئا، چوائي موڪليس ۽ منٿ بہ ڪيائونس تہ ”متان تماشگاهہ ۾ وڃي پاڻ کي جوکي ۾ وجهين.“


جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر سارو ڏينهن پيا مارجون، اسين ڪوس جي رڍن وانگر ليکجي وياسين.“


جيڪڏهن اسين رڳو هن حياتيءَ ۾ مسيح ۾ اُميد ٿا رکون تہ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ بدنصيب آهيون.


ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ (اهو آئون پاڳل وانگر ٿو چوان) آئون انهن کان بہ وڌيڪ آهيان؛ محنتن ۾ گهڻو وڌيڪ، قيدن ۾ گهڻو وڌيڪ؛ چهبڪن کائڻ ۾ حد کان زيادہ، موت جي منهن ۾ گهڻائي ڀيرا.


گمنامن وانگر، مگر مشهور؛ مُئلن وانگر، مگر ڏسو اسين جيئون پيا؛ سزا يافتن وانگر، مگر ماري وڌل نہ؛


تان تہ انهن مصيبتن جي ڪري ڪنهن جي بہ دل هارجي نہ وڃي، جو اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين انهيءَ جي لاءِ مقرر ٿيا آهيون.


هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟


پهرين تہ طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري هڪڙي تماشي جي شيءِ ٿي پيا، ۽ ٻيو تہ جن سان اهڙي هلت ٿي، تن سان شريڪ ٿيا.


ٻين جي وري هن طرح آزمائش ٿي، جو مٿن کل ٺٺولي ڪيائون، کين چهبڪ هنيائون، بلڪ ٻيڙيون وجهي قيد ۾ بند ڪيائون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ