Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 4:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو آئون پنهنجي برخلاف ڪي بہ ڪين ٿو ڄاڻان، تڏهن بہ انهي ڪري آئون راستباز نٿو ٺهرجان. پر منهنجو جاچيندڙ خداوند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 ڇاڪاڻ تہ منهنجو ضمير مون کي ڪا ڦٽڪار نہ ٿو ڪري. پر اهو مون کي بي‌قصور قرار ڏنو وڃڻ لاءِ ڪافي نہ آهي. مون کي جاچڻ وارو تہ خود پرڀو يسوع آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ڇاڪاڻ تہ منهنجو ضمير مون کي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. پر اهو مون کي بي‌قصور قرار ڏنو وڃڻ لاءِ ڪافي نہ آهي. مون کي جاچڻ وارو تہ خود خداوند عيسيٰ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو منھنجو ضمير مون تي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. تنھن ھوندي بہ ان مان اھو ثابت نہ آھي تہ آءٌ ڪو سچ⁠پچ بي⁠ڏوھي آھيان. مون کي جاچڻ وارو تہ خداوند ئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 4:4
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماڻهو ڇا آهي جو پاڪ رهي سگهي؟ ۽ جيڪو زال جي پيٽ مان ڄاول آهي سو ڪو سچو ٿي سگهندو ڇا؟


تڏهن ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا وٽ سچو ٿي سگهندو؟ جيڪو ماءُ جي پيٽ مان ڄائو آهي سو ڪهڙيءَ طرح پاڪ ٿي سگهندو؟


آئون پنهنجي سچائيءَ تي قائم آهيان ۽ انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندس: جيستائين آءٌ جيئندس تيستائين منهنجي دل مون کي مهڻو نہ ڏيندي.


ڏس آءٌ ڪي ڪين آهيان: توکي ڪهڙو جواب ڏيان؟ آءٌ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي ٿو رکان.


جيتوڻيڪ آءٌ سچو ئي هجان، تہ بہ منهنجو وات مون کي قصور وار ٺهرائيندو: ۽ جي آءٌ ڪامل هجان، تہ بہ اهو مون کي ڏنگو ثابت ڪندو.


اي خداوند جيڪڏهن تون خطائن جو حساب ڪندين، تہ اي خداوند ڪير بيهي سگهندو؟


پنهنجي بندي کي عدالت ۾ نہ آڻ؛ ڇو جو تنهنجيءَ نظر ۾ ڪوبہ ماڻهو سچار ڪين ٺهربو.


ڪنهن کي پنهنجي ڀل جي ڪل ٿي پوي؟ تون مون کي ڳجهن ڏوهن کان پاڪ ڪر.


منهنجا پير سنئين هنڌ تي بيٺل آهن: آءٌ جماعتن ۾ خداوند کي مبارڪ چوندس.


۽ آسمان سندس راستبازي ظاهر ڪندا؛ ڇالاءِ جو خدا پاڻ منصف آهي.


ماڻهوءَ جو سڀڪو رستو پنهنجي نظر ۾ چڱو آهي: پر خداوند دلين کي توري ٿو.


گهڻا ئي حاڪم جي مهرباني ڳولين ٿا: پر ماڻهوءَ جي عدالت خداوند وٽان ٿي اچي.


وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.


تڏهن پولس مجلس ڏانهن غور سان چتائي نهاريو ۽ چيائين، تہ اي ڀائرو، اڄ تائين مون پنهنجي عمر خدا جي حضور ۾ پوريءَ نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاري آهي.


ڇالاءِ جو شريعت جي ٻُڌڻ وارا خدا جي اڳيان سچا ناهن، پر شريعت تي عمل ڪرڻ وارا سچا ٺهربا.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ابراهيم عملن جي ڪري راستباز ٺهرايو وڃي ها، تہ فخر ڪرڻ جو سبب هجيس ها، پر خدا جي حضور ۾ نہ.


پر منهنجي نظر ۾ اها ڳالهہ تمام خسيس آهي تہ اوهين يا ڪابہ انساني عدالت منهنجي جاچ ڪري، بلڪ آئون پاڻ بہ پنهنجي جاچ نٿو ڪريان.


تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ