Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 4:11 - Sindhi Bible

11 بلڪ هن گهڙيءَ تائين اسين بکيا ۽ اُڃيا ۽ اُگهاڙا بہ آهيون، ۽ ڌڪا پيا کائون، ۽ ڪا رهڻ جي جاءِ ڪانہ اٿئون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اڄ ڏينهن تائين اسين بکايل ۽ اڃايل ٿا رهون ۽ شرير تي پورا ڪپڙا بہ نہ آهن. اسان کي چماٽون هنيون وڃن ٿيون ۽ بي‌گھر ڦرندا ٿا وتون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اڄ ڏينهن تائين اسين بکايل ۽ اڃايل ٿا رهون ۽ بدن تي پورا ڪپڙا بہ نہ آهن. اسان کي چماٽون هنيون وڃن ٿيون ۽ بي‌گھر ڦرندا ٿا وتون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 اسين اڄ تائين بکايل، اڃايل ۽ اگھاڙا آھيون، در در ڌڪا کائيندا ٿا وتون ۽ رھڻ جي لاءِ ڪا جاءِ ڪانہ اٿئون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 4:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو تو ناحق پنهنجي ڀاءُ کان گروي شيون ورتيون آهن، ۽ اُگهاڙن جا ڪپڙا لاهي ورتا اٿيئي.


يسوع هن کي چيو تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ آسمان جي پکين کي آکيرا، پر ابنِ آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي.


پر ڪي يهودي انتاڪيہ ۽ اڪونيم مان اتي آيا، ۽ ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري پولس کي سنگسار ڪيائون؛ ۽ ڀانيائون تہ هو مري ويو آهي، سو گهلي شهر کان ٻاهر ڇڏي آيس.


۽ جڏهن گهڻا ڦٽڪا هڻائي چُڪن، تڏهن کڻي قيدخاني ۾ وڌائون، ۽ داروغي کي تاڪيد ڪيائون تہ کين قابو رکي.


تنهن تي سردار ڪاهن حنانياہ، جيڪي سندس ڀرسان بيٺا هئا، تن کي حڪم ڏنو تہ ٻُوٿ وارو ڌڪ هڻوس.


ڪير اسان کي مسيح جي پيار کان ڌار ڪندو؟ مصيبت، يا تنگي، يا ظلم، يا ڏڪار، يا اوگهڙ، يا خطرو، يا ترار؟


اسان کي کائڻ پيئڻ جو اختيار ڪونهي ڇا؟


هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي غلام ٿو بنائي، يا جيڪڏهن اهو اوهان کي کائي ٿو وڃي، يا اهو اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا پنهنجي وڏائي ٿو ڪري، يا اوهان کي منهن تي چماٽ ٿو هڻي، تہ اوهين انهي جي برداشت ٿا ڪريو.


اسين هر طرف مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تڏهن بہ گهُٽيا نہ ويا آهيون؛ مُنجهي پيا آهيون، تڏهن بہ نااُميد نہ ٿيا آهيون؛


آئون گهٽ ٿيڻ بہ ڄاڻان ٿو، ۽ وڌ ٿيڻ بہ ڄاڻان ٿو؛ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني حالتن ۾ آئون اِهو سکيو آهيان تہ ڪيئن ڍاول رهجي، ۽ ڪيئن بکيو رهجي، ڪيئن سائو رهجي، ۽ ڪيئن سُڃو رهجي.


مصيبت، عذاب ۽ اُهي ڏک جي انطاڪيہ ۽ اڪونيم ۽ لسترہ ۾ مون تي پيا، ۽ جي مون سَٺا، سي ڏٺا آهن؛ ۽ انهن سڀني مان خدا مون کي ڇڏايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ