Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 3:3 - Sindhi Bible

3 هن ڪري جو اوهين اڃا جسماني آهيو، ڇو جو جڏهن اوهان ۾ حسد ۽ جهيڙو جهڳڙو آهي، تڏهن اوهين جسماني ناهيو ڇا، ۽ دنياوي ماڻهن وانگر نٿا هلو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 جيئن تہ اوهان ۾ ساڙ ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا سنساري ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين شرير جي لحاظ کان جيون گذاريو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيئن تہ اوهان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا دنياوي ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين جسماني طور زندگي گذاريو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 اوھين اڃا تائين دنياوي ماڻھن وانگر آھيو. جيئن تہ اوھان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آھي، سو اوھين جسماني نہ آھيو ڇا؟ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ ٿا ھلو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 3:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هنن آدم وانگر عهد اقرار ڀڳو آهي: اُتي هنن منهنجي برخلاف دغابازي ڪئي آهي.


۽ اهڙيءَ طرح شائستگيءَ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي، نہ ناچ رنگ ۽ نشي ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت پرستيءَ ۾، نہ جهيڙي ۽ حسد ۾:


هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي اوهان کي عرض ٿو ڪريان، تہ اوهين سڀيئي هڪ ڳالهہ تي اچي بيهو: ۽ اوهان ۾ ڪي بہ جدائيون نہ پون، بلڪ اوهين يڪدل ۽ يڪراءِ ٿي پاڻ ۾ گڏجي يڪ مُشت ٿيو.


ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان جي نسبت مون کي ڪلوئيءَ جي گهراڻي وارن کان معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ۾ جهيڙا جهڳڙا آهن.


ڇالاءِ جو پهريائين مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو آهي تہ ڪليسيا ۾ گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ جدائيون ٿيون ٿين؛ ۽ انهيءَ ڳالهہ تي مون کي ڪجهہ قدر اعتبار بہ اچي ٿو؛


ڇالاءِ تہ جڏهن هڪڙو چوي ٿو تہ آئون پولس جو آهيان، ۽ ٻيو چوي ٿو تہ آئون اپلوس جو آهيان، تڏهن اوهين عام ماڻهو نہ ٿيا تہ ٻيو ڇا؟


ڇالاءِ جو آئون ڊڄان ٿو تہ متان اوهان کي اهڙو ڏسان جهڙو ڏسڻ نٿو گهُران، يا اوهين مون کي اهڙو ڏسو جهڙو ڏسڻ نٿا گهُرو، جو متان ڪنهن بہ طرح جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، گلائون، غيبتون، ٻٽاڪون ۽ فساد ٿين؛


پر جيڪڏهن اوهين هڪ ٻئي کي چڪ ٿا هڻو ۽ ڳهي ٿا وڃو، تہ خبردار ٿيو ڇوتہ انهي ڪري هڪ ٻئي کي چٽ ڪري ڇڏيندا.


ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين.


ڇالاءِ جو جتي حسد ۽ نفاق آهي، اتي فساد ۽ هر طرح جو بڇڙو ڪم بہ ٿو ٿئي.


تان تہ اڳتي پنهنجي باقي جسماني زندگي ماڻهن جي نفساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موافق گذاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ