Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 3:19 - Sindhi Bible

19 ڇالاءِ جو هن جهان جي ڏاهپ خدا جي اڳيان بيوَقوفي آهي. هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”هو ڏاهن کي سندن هوشياريءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ڏسو، هن سنسار جي ڏاهپ ايشور جي آڏو مورکتا آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڏسو، هن دنيا جي ڏاهپ خدا جي آڏو بي‌وقوفي آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ڇالاءِ⁠جو ھن جھان جي ڏاھپ خدا جي آڏو بي⁠وقوفي آھي. جيئن لکيل آھي تہ ”خدا ڏاھن کي سندن چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 3:19
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪڙي ماڻهوءَ دائود کي چيو تہ اخيتفل ابي سلوم سان منصوبو ڪندڙن مان آهي. ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي مشورت بدلائي بي عقلي ڪر.


انهن ڏينهن ۾ اخيتفل جيڪا صلاح ڏيندو هو سا اهڙي هوندي هئي جهڙي ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام کان پڇي: اخيتفل جي سڀڪا صلاح دائود جي برخلاف ابي سلوم جي لاءِ اهڙي ئي هوندي هئي.


تڏهن ابي سلوم ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن چيو تہ حوسي ارڪي جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي. ڇالاءِ جو خداوند اهو ارادو ڪيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي سلوم تي خرابي آڻي.


۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.


تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.


هو ڏاهن کي خود سندن هوشياريءَ ۾ پڪڙي ٿو، ۽ ڏنگن جي صلاح مصلحت اونڌي ڪري ڇڏي ٿو.


ڀلي تہ بڇڙا پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ڦاسن، تہ آءٌ ڀڄي ڇُٽان.


تنهنڪري اچو تہ ساڻن هوشياريءَ سان هلون، متان اُهي اڃا بہ وڌي وڃن، ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي، تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمن سان گڏجن ۽ اسان سان وڙهن، ۽ هن ملڪ مان نڪري وڃن.


هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو.


سياڻي ماڻهوءَ جي ڏاهپ اها آهي تہ پنهنجو رستو سمجهي: پر بي عقلن جي بي عقلي ٺڳي آهي.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


انهي هوندي بہ جيڪي ڪامل آهن، تن کي اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ٻُڌايون. پر نہ هن دنيا جي ڏاهپ، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي ڏاهپ، جي نيست ٿي ويندا.


هاڻي اي ڀائرو، انهن ڳالهين ۾ مون اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين اسان کان سکو تہ جيڪي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تنهن موجب هلو، ۽ اوهان مان ڪو هڪڙي جو طرف وٺي ٻئي جي برخلاف نہ ڳالهائي.


تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛


هيءَ اُها ڏاهپ نہ آهي جا مٿان ٿي اچي، پر دنيوي ۽ جسماني ۽ شيطاني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ