Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 3:17 - Sindhi Bible

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي هيڪل برباد ڪندو تہ خدا انهي کي برباد ڪندو، ڇالاءِ جو خدا جي هيڪل پاڪ آهي ۽ اُها هيڪل اوهين آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور جي هيڪل کي برباد ڪندو تہ ايشور انهيءَ ماڻهوءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي هيڪل پوِتر آهي ۽ اها هيڪل اوهين ئي آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي هيڪل کي برباد ڪندو تہ خدا انهيءَ ماڻهوءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي هيڪل پاڪ آهي ۽ اها هيڪل اوهين ئي آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا جي گھر کي برباد ڪندو تہ خدا انھيءَ ماڻھوءَ کي برباد ڪندو، ڇالاءِ⁠جو خدا جو گھر پاڪ آھي ۽ اھو گھر اوھين ئي آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 3:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هو ڊڄي ويو، ۽ چوڻ لڳو تہ هي ڪهڙو نہ خوفناڪ هنڌ آهي! هي ٻيو ڪي بہ نہ، پر خدا جو گهر آهي، ۽ اهوئي آسمان جو دروازو آهي.


انهيءَ کان سواءِ وڌيڪ، ڇالاءِ جو مون کي خدا جي گهر جي لنؤ لڳي، ۽ مون وٽ سون ۽ چانديءَ جو خانگي خزانو آهي، تنهنڪري آءٌ انهيءَ کي بہ انهن سڀني شين کانسواءِ جي مون پاڪ گهر جي لاءِ تيار ڪيون آهن، سي پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ڏيان ٿو؛


تون انهن قديم ويرانين ڏانهن وِک کڻي ڏس، تہ تنهنجي پاڪ مڪان ۾ دشمن ڪيڏي نہ خرابي ڪئي آهي.


اي خدا ڌاريون قومون تنهنجيءَ ميراث ۾ گهڙي آيون آهن: انهن تنهنجي پاڪ هيڪل کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ يروشلم کي ڊاهي دڙا ڪري ڇڏيو اٿن.


اي خداوند هميشہ جي لاءِ تنهنجيون شاهديون بلڪل سچيون آهن: ۽ پاڪيزگي هميشہ تنهنجي گهر جي لائق آهي.


خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو؛ ڇو جو خداوند اسان جو خدا پاڪ آهي.


تڏهن هن چيو تہ هتي ويجهو نہ اچ؛ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ڇالاءِ جو اهو هنڌ جتي تون بيٺو آهين، سا پاڪ زمين آهي.


اسان جي پاڪ ۽ اسان جي سهڻي هيڪل، جتي اسان جن ابن ڏاڏن تنهنجي تعريف ٿي ڪئي، تنهن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان جون سڀ سٺيون شيون تباهہ ٿي ويون آهن.


۽ هن گهر جو قاعدو هي آهي: جبل جي چوٽيءَ تي چوڌاري انهي جي سڄي حد تمام پاڪ رهندي. هن گهر جو قاعدو اهو آهي.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ توکي ضرور گهٽائيندس، جو تو پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجن سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ نہ منهنجي اک گذر ڪندي ۽ نہ آءٌ رحم ڪندس.


پنهنجو منهن بہ آءٌ هنن کان ڦيرائيندس، ۽ هو منهنجي اندرين جاءِ ناپاڪ ڪندا: ۽ چور انهي ۾ گهڙندا ۽ انهي کي ناپاڪ ڪندا.


اهڙي طرح اوهين بني اسرائيل کي سندن ناپاڪيءَ کان جدا ڪجو: تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي عبادت جو تنبو، جو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.


آءٌ بہ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏئي، منهنجي پاڪ مڪان کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي ڪئي اٿس.


هن جا نبي هلڪا ۽ دغاباز شخص آهن؛ ان جي ڪاهنن پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ شريعت جي برخلاف هلت ڪئي اٿن.


پر جيڪو ماڻهو ناپاڪ ٿيو هوندو، ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، سو ماڻهو جماعت منجهان تباهہ ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي: ۽ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي هن تي نہ ڇڻڪيو ويو؛ ۽ هو ناپاڪ آهي.


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين خدا جي هيڪل آهيو، ۽ خدا جو روح اوهان ۾ ٿو رهي؟


ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان منجهان ڀانئين تہ هن جهان ۾ ڏاهو ليکجان تہ بيوَقوف ٿئي، تان تہ هو ڏاهو ٿي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ