Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 3:1 - Sindhi Bible

1 ۽ اي ڀائرو، آئون اوهان سان اهڙيءَ طرح ڳالهائي نہ سگهيس جهڙيءَ طرح اُنهن سان ڳالهائبو آهي جي روحاني آهن، پر اهڙيءَ طرح جيئن جسماني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، يعني انهن سان جي مسيح ۾ ٻارڙا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون اوهان سان ائين نہ ڳالهايو هو جيئن آتمڪ ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، پر ائين ڳالهايو هئم جيئن سنساري ماڻهن سان ڳالهائبو آهي. هائو، جيئن تہ اوهين مسيح ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر آهيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون اوهان سان ائين نہ ڳالهايو هو جيئن روحاني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، پر ائين ڳالهايو هئم جيئن دنياوي ماڻهن سان ڳالهائبو آهي. هائو، جيئن تہ اوهين مسيح ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر آهيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان سان روحاني ماڻھن وانگر نہ ڳالھائي سگھيس پر دنياوي ماڻھن وانگر، يعني مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ننڍڙن ٻارن وانگر ڳالھائي سگھيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 3:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن ڦري پطرس کي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: تون مون کي گمراهہ ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جو فڪر اٿيئي.


ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت تہ روحاني آهي پر آئون جسماني آهيان، ۽ گناهہ جي هٿ ۾ وڪاڻل آهيان.


اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو.


جيڪڏهن ڪو پاڻ کي نبي يا روحاني ماڻهو سمجهي، تہ ڄاڻي تہ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، سي خداوند جا حڪم آهن.


انهي هوندي بہ جيڪي ڪامل آهن، تن کي اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ٻُڌايون. پر نہ هن دنيا جي ڏاهپ، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي ڏاهپ، جي نيست ٿي ويندا.


اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.


ڇالاءِ جو جيڪو کير پياڪ آهي، تنهن کي راستبازيءَ جي ڪلام جو ڪوبہ آزمودو ڪونهي، جو هو اڃا ٻار آهي.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو سندس نالي ڪري اوهان جا گناهہ معاف ڪيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ