Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 16:6 - Sindhi Bible

6 ۽ شايد اوهان وٽ ٽڪي پوندس، بلڪ سيارو اوهان وٽ گذاريندس، ۽ پوءِ اوهين مون کي سفر تي روانو ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 شايد آءٌ اوهان وٽ ڪجھہ وقت رهان يا سڄو سيارو گذاريان. پوءِ مسافريءَ ۾ جيڏانهن بہ وڃان تہ اوهين مدد ڪري مون کي روانو ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 شايد آءٌ اوهان وٽ ڪجھہ وقت رهان يا سڄو سيارو گذاريان. پوءِ مسافريءَ ۾ جيڏانهن بہ وڃان تہ اوهين مدد ڪري مون کي روانو ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 شايد آءٌ اوھان وٽ ڪجھہ وقت ٽڪان، يا سڄو سيارو گذاريان، انھيءَ ڪري تہ جيئن مسافريءَ ۾ جيڏانھن بہ وڃان تہ اوھين مدد ڪري مون کي روانو ڪري سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 16:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ڪليسيا کين روانو ڪيو، ۽ هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگهي، واٽ تي ٻُڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومون خدا ڏانهن ڦري آيون آهن. اهو ٻُڌي ڀائرن کي نهايت خوشي ٿي.


پر جيڪي پولس کي اُماڻڻ ويا هئا، سي کيس اٿينيءَ تائين وٺي آيا، ۽ اُتان سيلاس ۽ تيمٿيس لاءِ اهو حڪم وٺي روانا ٿيا، تہ جلدي مون وٽ هليا اچو.


۽ سڀ کان وڌيڪ ڏک انهي ڪري ٿِيُنِ جو هن چيو هو تہ اوهين منهنجو منهن وري ڪين ڏسندا. پوءِ هن کي جهاز تائين اُماڻي آيا.


۽ جڏهن هيئن ٿيو جو اُهي ڏينهن ڀرجي آيا، تڏهن اُتان روانا ٿياسين، ۽ هو سڀيئي پنهنجين زالن ۽ ٻارن سميت اسان سان گڏ هليا آيا، جيستائين ڪ شهر کان نڪري ٻاهر ٿياسين: پوءِ سمنڊ جي ڪناري تي گوڏا کوڙي دعا گهُريسون.


۽ اهو بندر سياري ڪاٽڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گهڻن جي صلاح ٿي تہ اتان اڳتي هلجي، ۽ جي ٿي سگهي تہ فينڪس ۾ هلي سيارو گذارجي؛ جو ڪريتيءَ جو بندر آهي ۽ سندس رخ اُتر اُڀرندي ڏانهن آهي.


۽ ٽن مهينن کانپوءِ سڪندريہ جي هڪڙي جهاز تي چڙهي اسين روانا ٿياسين. انهيءَ جهاز سڄو سيارو انهي ٻيٽ ۾ گذاريو هو، ۽ اُن جو نشان ”ڊئيسڪوري“ يعني جاڙا ديوتا هو.


تنهنڪري جڏهن آئون اسپين ڏانهن ويندس، تڏهن اُميد اٿم تہ انهي سفر ۾ اوهان وٽان ٿيندو ويندس. ڇالاءِ تہ جڏهن اوهان جي صحبت مان ڪجهہ قدر منهنجي دل ڀربي، تڏهن اوهين مون کي انهي پاسي روانو ڪجو.


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو هن کي گهٽ نہ سمجهي، پر کيس صحيح سلامت اڳتي روانو ڪجو تہ مون وٽ اچي؛ ڇالاءِ جو ڀائرن سميت هن جي اچڻ جي لاءِ آئون منتظر آهيان.


يعني تہ اوهان وٽان ٿي مڪدونيہ ڏانهن وڃان، ۽ مڪدونيہ کان موٽي اوهان وٽ اچان، ۽ اوهين مون کي يهوديہ ڏانهن روانو ڪريو.


جڏهن ارتماس يا تخڪس کي آئون تو وٽ موڪليان، تڏهن تون سعيو ڪري نڪوپلس ۾ مون وٽ اچج؛ جو مون ارادو ڪيو آهي تہ سيارو اتي گذاريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ