Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 16:14 - Sindhi Bible

14 جيڪي ڪريو سو محبت سان ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ۽ جيڪي ڪجھہ ڪريو سو پريم سان ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ۽ جيڪي ڪجھہ ڪريو سو محبت سان ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جيڪي ڪجھہ ڪريو سو پيار سان ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 16:14
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان کي اِهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي کاڌي ڪري رنج ٿو ٿئي، تہ پوءِ تون اڃا پيار جي قاعدي تي نٿو هلين. جنهن شخص جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني، تنهن کي تون پنهنجي کاڌي جي سبب برباد نہ ڪر.


پر اوهين وڏين وڏين نعمتن جي آرزو رکو. ۽ آئون اوهان کي اڃا بہ نهايت عمدو رستو ڏيکاريان ٿو.


محبت جا طالب ٿيو، ۽ شوق سان روحاني نعمتن جي آرزو رکو، خاص ڪري انهي لاءِ تہ نبوت ڪريو.


هاڻي اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان، (اوهان کي استفناس جي گهراڻي وارن جي خبر آهي تہ اُهي اخيہ جو پهريون ڦل آهن، ۽ اُهي پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿا رهن،)


هاڻي بُتن جي قربانين جي بابت: اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان سڀني کي علم آهي. علم مغروري پيدا ٿو ڪري، پر محبت مان سڌارو ٿو ٿئي.


پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،


۽ خداوند اوهان جي محبت هڪٻئي لاءِ، ۽ سڀني ماڻهن لاءِ وڌائي زيادہ ڪري، جيئن ڪ اسان جي اوهان سان آهي؛


پر جڏهن هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي اسان وٽ آيو، ۽ اوهان جي ايمان ۽ محبت جي چڱي خبر اسان کي ڏنائين، ۽ هيئن بہ چيائين تہ اوهين هميشہ اسان کي ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گهڻي سڪ اٿوَ، جيئن ڪ اسان کي بہ اوهان جي آهي؛


اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،


هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.


سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو.


سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هڪٻئي سان گهڻي محبت رکو؛ ڇالاءِ جو محبت گهڻا ئي گناهہ ڍڪيو ڇڏي.


۽ دينداريءَ سان گڏ ڀائرن جو پيار، ۽ ڀائرن جي پيار سان گڏ محبت.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ