Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 16:12 - Sindhi Bible

12 باقي ڀاءُ اپلوس جي نسبت ۾ مون کيس گهڻي منٿ ڪئي تہ ڀائرن سان گڏ اوهان وٽ اچي، مگر هن وقت هن جي اچڻ جي بلڪل مرضي ڪانہ هئي، پر جڏهن وجهہ ملندس، تڏهن ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ھاڻي پنھنجي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ ھي آھي تہ مون ھن کي ڀائرن سان گڏجي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ زور ڀريو. ھن وقت سندس اچڻ جي مرضي اصلي ناھي پر موقعو مليس تہ ضرور ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 16:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀ ڪنهن شيءِ جي لاءِ موسم آهي، ۽ آسمان جي هيٺان سڀ ڪنهن ڪم جي لاءِ هڪڙو وقت مقرر آهي.


۽ هڪڙي موقعي تي جڏهن هيروديس پنهنجي جنم جي ڏينهن پنهنجن اميرن ۽ وڏن جنگي سردارن، ۽ گليل جي مکيہ ماڻهن جي ماني ڪئي هئي،


(پر سيلاس اتي ئي رهڻ پسند ڪيو.)


هاڻي اپلوس نالي هڪڙو يهودي جو سڪندريہ جو رهاڪو هو، سو افسس ۾ آيو؛ هو عالم شخص ۽ پاڪ ڪتابن ۾ ڏاڍو قابل هو.


۽ هيئن ٿيو جو اڃا اپلوس ڪرنٿيس ۾ ئي هو، تہ پولس مٿين پرڳڻي مان ٿي افسس ۾ آيو، ۽ اُتي ڪن شاگردن کي گڏيو.


۽ جڏهن هن سچائيءَ، ۽ پرهيزگاريءَ، ۽ ايندڙ عدالت بابت ويٺي سمجهايو، تڏهن فيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، ۽ ورندي ڏنائينس تہ هاڻي وڃ، جڏهن وري مون کي فرصت ملندي، تڏهن آئون توکي پاڻ وٽ گهرائيندس.


هاڻي منهنجو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو پيو چوي تہ آئون پولس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون اپلوس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون ڪيفاس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون مسيح جو آهيان.


ڇا پولس ڇا اپلوس، ڇا ڪيفاس، ڇا جهان، ڇا حياتي، ڇا موت، ڇا هاڻوڪي وقت جون شيون، ڇا ايندڙ وقت جون شيون، سڀ اوهان جون آهن؛


اپلوس ڪير آهي؟ ۽ پولس ڪير آهي؟ اُهي خادم آهن جن جي وسيلي اوهان ايمان آندو، ۽ جيئن هر ڪنهن کي خدا برڪت ڏني تيئن هن خدمت ڪئي.


زيناس، شريعت جي عالم ۽ اپلوس کي اهڙي بندوبست سان روانو ڪج، جيئن هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج نہ ٿئي.


پر جڏهن اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي مهرباني، ۽ اسان جي لاءِ سندس محبت ظاهر ٿي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ