Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 16:11 - Sindhi Bible

11 تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو هن کي گهٽ نہ سمجهي، پر کيس صحيح سلامت اڳتي روانو ڪجو تہ مون وٽ اچي؛ ڇالاءِ جو ڀائرن سميت هن جي اچڻ جي لاءِ آئون منتظر آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 تنهنڪري ڪوبہ هن کي نيچ نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ شانتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تنهنڪري ڪوبہ هن کي حقير نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ سلامتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 تہ پوءِ ڪوبہ ھن کي گھٽ نہ سمجھي. کيس سک ۽ سلامتيءَ سان روانو ڪجو تہ جيئن ھو مون ڏانھن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 16:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.


تنهنڪري ڪليسيا کين روانو ڪيو، ۽ هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگهي، واٽ تي ٻُڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومون خدا ڏانهن ڦري آيون آهن. اهو ٻُڌي ڀائرن کي نهايت خوشي ٿي.


۽ ڪجهہ وقت اُتي گذاري، پوءِ اتي جي ڀائرن کان خير سلامتيءَ سان موڪلائي، اُنهن ڀائرن ڏانهن روانا ٿيا جن موڪليو هون.


هاڻي جي تيمٿيس اچي تہ اهو خيال رکجو تہ اوهان وٽ بي ڊپو رهي، ڇالاءِ جو هو بہ خداوند جو ڪم ائين ٿو ڪري جيئن آئون ٿو ڪريان.


۽ شايد اوهان وٽ ٽڪي پوندس، بلڪ سيارو اوهان وٽ گذاريندس، ۽ پوءِ اوهين مون کي سفر تي روانو ڪجو.


يعني تہ اوهان وٽان ٿي مڪدونيہ ڏانهن وڃان، ۽ مڪدونيہ کان موٽي اوهان وٽ اچان، ۽ اوهين مون کي يهوديہ ڏانهن روانو ڪريو.


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ سببان تنهنجي حقارت نہ ڪري، پر تون ايمان وارن جي لاءِ، ڪلام ۽ هلت چلت ۾، محبت، ايمان ۽ پاڪيزگيءَ ۾ نمونو ٿيءُ.


تون پوريءَ اختياريءَ سان انهن ڳالهين جو بيان ڪج ۽ نصيحت ڪج، ۽ ملامت ڪج؛ ۽ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي حقارت نہ ڪري.


انهن ڪليسيا جي اڳيان تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. تون اُنهن کي اهڙيءَ طرح سفر تي روانو ڪر، جهڙيءَ طرح خدا جي خدمت جي لائق آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ