Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:54 - Sindhi Bible

54 پر جڏهن هي فاني جسم بقا جي پوشاڪ ڍڪيندو، ۽ هي مرڻ وارو جسم هميشہ جي زندگيءَ واري پوشاڪ ڍڪيندو، تڏهن اُهو قول پورو ٿيندو جو لکيل آهي تہ ”موت فتح ۾ غرق ٿي ويو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

54 پوءِ جڏهن ناس ٿيندڙ ۽ مرڻ وارو شرير ابناسي ۽ امر جيون واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پوِتر شاستر ۾ ڪيل هي وچن پورو ٿيندو تہ ”موت ناس ٿي ويو، مڪمل سوڀ ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

54 پوءِ جڏهن فاني ۽ مرڻ وارو جسم غير فاني ۽ دائمي زندگيءَ واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پاڪ ڪلام ۾ ڪيل هي قول پورو ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، مڪمل فتح ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

54 تنھنڪري جڏھن فانيءَ کي غير فاني ۽ مرڻ واري کي دائمي پوشاڪ پھرائي ويندي، تڏھن اھو لکيل قول سچو ثابت ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، فتح پوري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:54
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن هميشہ لاءِ موت کي فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ خداوند خدا سڀني جي منهن تان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي قوم جي ملامت ساري زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


ڇالاءِ تہ اُهي وري ڪڏهن مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اُهي ملائڪن جهڙا آهن، ۽ قيامت جا ٻار ٿيڻ سببان خدا جا ٻار آهن.


۽ غير فاني خدا جي جلال کي فاني انسان، ۽ پکين، ۽ چوپاين، ۽ سُرندڙ جانورن جي شڪل جهڙيءَ صورت ۾ آندائون.


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهي، جلال ۽ عزت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي ڏيندو:


تنهنڪري گناهہ کي پنهنجي فاني جسم ۾ بادشاهي ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين سندن خواهشن جي تابعداري ڪريو.


جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.


ڇالاءِ جو اسين جي جيئرا آهيون، سي هميشہ يسوع جي خاطر موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي.


ڇالاءِ جو اسين هن تنبوءَ ۾ رهي، بار جي ڪري پيا آهون ڀريون؛ نہ هن لاءِ تہ اها پوشاڪ لاهڻ ٿا گهُرون، پر انهي لاءِ تہ هن جي مٿان ٻي پوشاڪ پايون، تہ جيڪي مرڻ هارڪو آهي سو حياتيءَ ۾ غرق ٿي وڃي.


سو انهي ڏينهن ٿيندو، جڏهن هن جي اچڻ ڪري، سندس پاڪ ٿيلن ۾ سندس جلال ظاهر ٿيندو، ۽ جن ايمان آندو آهي، تن سڀني ۾ تعجب جو سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو.


۽ موت ۽ روحن جو عالم باهہ جي ڍنڍ ۾ وڌا ويا. اها باهہ جي ڍنڍ ٻيو موت آهي.


۽ سندن اکين مان سڀ ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو، ۽ موت ٿيندو ئي ڪونہ، نڪو وري ماتم ٿيندو؛ ۽ نڪو روئڻ نڪو سور: پهريون حالتون گذري ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ