Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:52 - Sindhi Bible

52 هڪڙي لحظي ۾، اک ڇنڀ ۾، پوئينءَ تريءَ جي وڄڻ تي: ڇالاءِ جو اُها تري وڄندي، ۽ جيڪي مري ويا آهن سي غير فاني حالت ۾ اُٿندا، ۽ اسين بدلجي وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

52 ھڪدم، اک ڇنڀ ۾، آخري صور جي ڦوڪڻ سان ئي. اھا صور ڦوڪي ويندي، مئل غير فاني حالت ۾ اٿاريا ويندا ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:52
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي اک ڇنڀ ۾ ڪيئن نہ چٽ ٿي ويا آهن! ۽ ڊپ ۾ ئي فنا ٿي ويا آهن.


۽ ٽئين ڏينهن صبح جو بجلي چمڪڻ ۽ گجگوڙ ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙو گهاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو، ۽ تريءَ جو تمام وڏو آواز ٿيو، اهڙو جو منزلگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.


پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ، بجلي، تريءَ جو آواز، ۽ جبل جو دونهون ڏٺو، تڏهن ڏڪي ويا؛ ۽ پري وڃي بيٺا.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو؛ جيڪڏهن آءٌ هڪڙو لحظو اوهان سان گڏ هلندس تہ آءٌ اوهان کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. تنهنڪري اوهين پنهنجا سڀ زيور لاهيو، پوءِ آءٌ ڏسندس تہ ڇا ڪريان.


اي جهان جا رهندڙ، ۽ زمين جا رهاڪو، جڏهن جبلن تي ڪو جهنڊو کڙو ڪيو وڃي، تڏهن اوهين ڏسو؛ ۽ جڏهن قرناءِ وڄائي وڃي تڏهن اوهين ٻڌو.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


۽ جيڪڏهن اُهو نگهبان ترار ايندي ڏسي، ۽ قرناءِ وڄائي، ۽ ماڻهن کي خبردار ڪري؛


پر جي نگهبان ترار ايندي ڏسي قرناءِ نہ وڄائي، ۽ ماڻهو خبردار نہ ٿين، ۽ ترار اچي نڪري، ۽ انهن مان ڪو ماڻهو کڻي وڃي؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ کڄي ويو آهي، پر انهي جي خون جو بدلو آءٌ نگهبان کان وٺندس.


۽ خداوند هنن جي مٿان ڏيکاري ڏيندو ۽ سندس تير بجليءَ وانگر نڪرندو: ۽ خداوند خدا قرناءِ وڄائيندو ۽ ڏکڻ جي واءُ وانگر ايندو.


پر جي فقط هڪڙي قرنائي وڄائڻ ۾ اچي، تہ اهي سردار جيڪي هزار هزار اسرائيلين جا حاڪم آهن، سي اچي گڏ ٿين.


اوهين پاڻ کي هن جماعت کان ڌار ڪريو تہ آءٌ هنن کي هڪ پل ۾ ڀسم ڪريان.


اوهين هن جماعت مان نڪري وڃو تہ آءٌ هنن کي هڪڙي پل ۾ چٽ ڪري ڇڏيان. تڏهن انهن سجدو ڪيو.


۽ هو تُريءَ جي وڏي آواز سان پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي آسمان جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين چئني ڪنڊن مان هن جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هاڻي اچي سهڙي آهي، جنهن ۾ مُردا خدا جي فرزند جو آواز ٻُڌندا؛ ۽ جيڪي ٻُڌندا سي جيئندا.


انهيءَ ڳالهہ تي عجب نہ کائو، ڇالاءِ تہ اُها گهڙي اچي ٿي، جڏهن سڀ جيڪي قبرن ۾ آهن، سي هن جو آواز ٻُڌندا،


پر سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي واري سان، پهريون ڦل مسيح، پوءِ سندس اچڻ تي جيڪي مسيح جا آهن.


مُئلن جي قيامت جو بہ ساڳيو حال آهي. اُهو فنا جي حالت ۾ پوکجي ٿو، ۽ بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو.


پر هاڻي اي ڀائرو، آئون هيئن ٿو چوان، تہ گوشت ۽ خون خدا جي بادشاهت جا وارث ٿي ڪين سگهندا، نڪي جيڪي فاني آهي سو بقا جو وارث ٿي سگهندو.


انهي ڪري اسين خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون، تہ اسين جي جيئرا آهيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آهيون، سي انهن کان، جي گذر ڪري ويا آهن، ڪنهن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.


پر خداوند جو ڏينهن چور وانگر اچي نڪرندو؛ انهي ۾ آسمان ڏاڍي ڪڙڪي سان هليا ويندا، ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري ڳري ويندا، ۽ زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، سو سڙي ويندو.


۽ مون آسمان جي وچ ۾ هڪڙي عقاب کي اُڏامندو ڏٺو ۽ وڏي آواز سان هيئن چوندو ٻُڌم، تہ باقي ٽن ملائڪن جون تريون، جي اڃا انهن کي وڄائڻيون آهن، تن جي ڪري زمين جي رهڻ وارن تي افسوس، افسوس، افسوس!


۽ مون اُهي ست ملائڪ ڏٺا، جي خدا جي حضور ۾ بيهندا آهن؛ انهن کي ست تريون ڏنيون ويون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ