Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:51 - Sindhi Bible

51 ڏسو، آئون اوهان کي هڪڙي راز جي ڳالهہ ٿو ٻُڌايان: اسين سڀيئي سمهي ڪين پونداسين، پر سڀيئي بدلجي وينداسين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

51-52 ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ ڀيد جي ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين وشواسي سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري توتاري جي وڄڻ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيوت سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اهو توتارو جڏهن وڄايو ويندو، تڏهن مري ويلن کي ابناسي حالت ۾ جيوت ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

51-52 ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ راز ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين ايمان وارا سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري صور جي ڦوڪ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيئرا سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اها صور جڏهن ڦوڪي ويندي، تڏهن مري ويلن کي بقا واري حالت ۾ جيئرو ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

51 ٻڌو، آءٌ اوھان کي ھڪ راز ٻڌايان ٿو تہ اسين سڀ مري ڪونہ وينداسين پر سڀيئي بدلايا وينداسين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:51
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.


تڏهن جيڪي مسيح ۾ سمهي پيا آهن، سي بہ برباد ٿي ويا.


پر هاڻي مسيح مُئلن مان برابر جي اُٿيو آهي، ۽ جيڪي سمهي پيا آهن، تن ۾ هو پهريون ڦل ٿيو.


تنهن کان پوءِ هڪڙي ئي وقت پنجن سون ڀائرن کان بہ گهڻن کي ڏيکاري ڏنائين، جن مان گهڻا اڃا تائين موجود آهن، پر ڪي سمهي رهيا آهن.


پر اسين هڪ راز يعني خدا جي اُها دانائي جا پوشيدہ هئي، ۽ جنهن کي خدا جهان جي شروعات کان اڳيئي اسان جي جلال لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن جو بيان ٿا ڪريون.


گهرجي تہ ماڻهو اسان کي مسيح جا خادم ۽ خدا جي رازن جا مختيار سمجهن.


ڇالاءِ تہ اسان جو گهر جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي پوشاڪ وانگر پائڻ لاءِ اسين آهون پيا ڀريون:


ڇالاءِ جو اسين هن تنبوءَ ۾ رهي، بار جي ڪري پيا آهون ڀريون؛ نہ هن لاءِ تہ اها پوشاڪ لاهڻ ٿا گهُرون، پر انهي لاءِ تہ هن جي مٿان ٻي پوشاڪ پايون، تہ جيڪي مرڻ هارڪو آهي سو حياتيءَ ۾ غرق ٿي وڃي.


جيئن تہ هن پنهنجي مرضيءَ جو راز انهي پنهنجي چڱي ارادي موجب اسان تي ظاهر ڪيو، جو هن پاڻ ۾ ٺهرائي ڇڏيو هو،


تہ ڪهڙيءَ طرح الهام جي رستي اهو راز مون کي معلوم ٿيو، جيئن مون اڳي مختصر طور لکيو آهي،


اِهو هڪڙو وڏو راز آهي: پر آئون مسيح ۽ ڪليسيا جي نسبت ۾ ٿو چوان.


تہ جنهن قدرت جي اثر سان هو سڀ شيون پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو، تنهن سان اسان جي حقير بدن کي بدلائي پنهنجي جلال واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ