Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:31 - Sindhi Bible

31 اي ڀائرو، مون کي انهي فخر جو قسم آهي جو اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ اوهان تي اٿم، تہ آئون ڏهاڙي پيو مران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 اي ڀائرؤ! مون کي پنھنجي انھيءَ فخر جو قسم، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏ ھئڻ ڪري اوھان تي آھي، تہ آءٌ ڏھاڙي موت جي منھن ۾ آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:31
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ چيس تہ هن ماڻهوءَ اسان کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ جيسين اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هوندو، تيسين اوهين منهنجو منهن نہ ڏسندا.


ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، صبح جو سوير اُٿي ڏاڍيءَ تاڪيد سان نصيحت ڪري پئي چيو اٿم تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو.


۽ خداوند جي فرشتي يشوع کي تاڪيد ڪري چيو، تہ


رڳو ايترو، تہ پاڪ روح سڀ ڪنهن شهر ۾ شاهدي ڏيئي مون کي ٻُڌائي ٿو، تہ بند ۽ مصيبتون منهنجي لاءِ تيار رکيون آهن.


جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر سارو ڏينهن پيا مارجون، اسين ڪوس جي رڍن وانگر ليکجي وياسين.“


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ (اهو آئون پاڳل وانگر ٿو چوان) آئون انهن کان بہ وڌيڪ آهيان؛ محنتن ۾ گهڻو وڌيڪ، قيدن ۾ گهڻو وڌيڪ؛ چهبڪن کائڻ ۾ حد کان زيادہ، موت جي منهن ۾ گهڻائي ڀيرا.


پر خدا جو شڪر آهي، جو مسيح ۾ اسان کي هميشہ فتحمند ڪري ٿو ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي علم جي خوشبوءِ جتي ڪٿي ڦهلائي ٿو،


ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛


ڀلا اسان جي خداوند يسوع جي اڳيان سندس اچڻ وقت اُميد ۽ خوشي ۽ فخر جو تاج اوهين نہ ٿيندا تہ ٻيو ڪير ٿيندو؟


ڇوتہ جيڪا خوشي اوهان جي لاءِ پنهنجي خدا جي اڳيان اسان کي حاصل ٿي آهي، انهيءَ جي لاءِ ڪهڙيءَ طرح خدا جي شڪرگذاري ادا ڪري سگهنداسين؛


تنهنڪري هاڻي انهن جي ڳالهہ مڃ: پر هنن کي سخت تاڪيد ڪر، ۽ ڏيکارين تہ ڪهڙي قسم جو بادشاهہ هنن تي حڪومت هلائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ