Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:14 - Sindhi Bible

14 ۽ جي مسيح جي ڪونہ اُٿيو آهي تہ اسان جي منادي اجائي آهي، ۽ اوهان جو ايمان بہ اجايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 هاڻ جيڪڏهن مسيح جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جو پرچار اجايو آهي ۽ اوهان جو وشواس رکڻ بہ اجايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هاڻ جيڪڏهن مسيح جيئرو ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آهي ۽ اوهان جو ايمان رکڻ بہ اجايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جيڪڏھن مسيح جِي ڪونہ اٿيو آھي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آھي ۽ اوھان جو ايمان بہ اجايو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري هن پاڻ وٽان هڪڙو ڪبوتر اُڏايو؛ انهي لاءِ تہ خبر پوي تہ زمين تان پاڻي لهي ويو آهي يا نہ.


سچ تہ مون اجايو پنهنجي دل کي صاف ڪيو آهي، ۽ پنهنجن هٿن کي پاڪ ڪيو آهي.


پر مون چيو تہ مون اجائي محنت ڪئي آهي، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي: انهي هوندي بہ يقيناً منهنجو انصاف خداوند وٽ آهي، ۽ منهنجو اجر منهنجي خدا وٽ آهي.


هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، جو ماڻهن جا حڪم پنهنجي تعليم ڪيو ٿا سيکارين.“


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


پر جيڪڏهن مُئلن جي قيامت ڪانہ آهي، تہ مسيح بہ جي ڪونہ اُٿيو آهي؛


۽ جي مسيح جي نہ اُٿيو آهي تہ اوهان جو ايمان اجايو آهي، ۽ اوهين اڃا پنهنجن گناهن ۾ پيا آهيو.


۽ جنهن جي ڪري اوهان کي نجات ملي آهي؛ بشرطيڪ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻُڌائي هئي، تنهن تي اوهين قائم رهو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ اجايو ٿيو.


۽ منهنجو وڃڻ الهام موجب ٿيو؛ ۽ جنهن خوشخبريءَ جي مون غير قومن ۾ منادي ٿي ڪئي، سا مون خانگي طور هنن جي اڳيان، جيڪي معزز سمجهيا ويندا هئا، پيش ڪئي تہ متان ائين نہ ٿئي تہ منهنجي هاڻوڪي يا اڳوڻي ڊوڙ ڊڪ اجائي ٿئي.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسان جو اعتقاد آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اُٿيو، تہ جيڪي يسوع جي ايمان ۾ گذري ويا آهن، تن کي بہ خدا وري ساڻس گڏ وٺي ايندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار سمجهي ٿو ۽ پنهنجي زبان کي لغام نٿو ڏئي، بلڪ پنهنجي دل کي ٺڳي ٿو، تنهن جي دينداري اجائي آهي.


پر اي بيهودا ماڻهو، ايترو نٿو ڄاڻين تہ عمل کانسواءِ ايمان نڪمو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ