Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:13 - Sindhi Bible

13 پر جيڪڏهن مُئلن جي قيامت ڪانہ آهي، تہ مسيح بہ جي ڪونہ اُٿيو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جيڪڏهن مئل جيوت ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪڏهن مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جيئرو ٿي ڪونہ اٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پر جي مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جِي ڪونہ اٿيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو صدوقي چون ٿا تہ نڪا قيامت آهي، نڪي ملائڪ، نڪي روح؛ پر فريسي ٻئي ڳالهيون مڃين ٿا.


جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.


۽ نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ، جن کي روح جو پهريون ڦل مليو آهي، سي پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجهون ۽ پنهنجي گود جا پٽ ٿيڻ لاءِ، يعني پنهنجي بدن جي ڇوٽڪاري لاءِ، منتظر ٿيو ويٺا آهيون.


هاڻي جيڪڏهن مسيح جي نسبت ۾ اها منادي ٿي ڪجي تہ هو مُئلن مان جي اُٿيو آهي، تڏهن اوهان مان ڪي ڪيئن چون ٿا تہ مُئلن جي قيامت ڪانهي؟


۽ جي مسيح جي ڪونہ اُٿيو آهي تہ اسان جي منادي اجائي آهي، ۽ اوهان جو ايمان بہ اجايو آهي.


پر هاڻي مسيح مُئلن مان برابر جي اُٿيو آهي، ۽ جيڪي سمهي پيا آهن، تن ۾ هو پهريون ڦل ٿيو.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسان جو اعتقاد آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اُٿيو، تہ جيڪي يسوع جي ايمان ۾ گذري ويا آهن، تن کي بہ خدا وري ساڻس گڏ وٺي ايندو.


هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


تنهنڪري جڏهن ٻار گوشت ۽ رت ۾ شريڪ آهن، تڏهن هو پاڻ بہ ساڳيءَ طرح انهي ۾ ڀائيوار آهي، تہ جنهن کي موت تي اختيار هو تنهن کي، يعني شيطان کي، موت جي وسيلي نيست ڪري؛


اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛


۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ