Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:10 - Sindhi Bible

10 پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو ايشور جي ڪرپا سان آهيان ۽ ايشور جي اها ڪرپا مون تي اجائي نہ هئي، ڇو تہ مون ٻين سڀني سنتن کان وڌيڪ سيوا جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اها ايشور جي ڪرپا هئي جيڪا مون تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:10
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ڳالهائڻ وارا اوهين ناهيو، پر اوهان جي پيءُ جو روح آهي، جو اوهان ۾ ڳالهائي ٿو.


جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، تنهن يڪدم وڃي انهن سان واپار هلايو، ۽ ٻيا پنج قنطار بہ ڪمايائين.


تڏهن آئون چوان ٿو تہ خدا پنهنجي اُمت کي رد ڪيو ڇا؟ اصل ئي نہ! ڇالاءِ جو آئون بہ اسرائيلي آهيان، ۽ ابراهيم جي نسل، ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان.


ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي.


تڏهن آئون توڙي هُو، اسين اها ئي منادي پيا ڪريون، ۽ اوهان انهيءَ تي ايمان آندو.


۽ جنهن جي ڪري اوهان کي نجات ملي آهي؛ بشرطيڪ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻُڌائي هئي، تنهن تي اوهين قائم رهو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ اجايو ٿيو.


جيڪو خدا جو فضل مون کي عطا ٿيو هو، تنهن موجب مون هڪڙي اُستاد رازي وانگر بنياد وڌو، ۽ ٻيو انهي تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خبردار رهڻ کپي تہ اهو مٿس ڪيئن ٿو اڏاوت ڪري.


مون پوکيو ۽ اپلوس پاڻي ڏنو، پر خدا انهي کي وڌايو.


ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟


آئون بيوقوف تہ برابر ٿيو آهيان، مگر اوهان ئي مون کي لاچار ڪيو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي منهنجي تعريف ڪرڻ کپندي هئي: انهي لاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون ڪي ڪين آهيان تہ بہ افضل رسولن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ آهيان.


ائين نہ آهي تہ اسين پاڻ اهڙي لياقت ٿا رکون، جو پاڻهي پاڻ کان ڪو خيال ڪري سگهون؛ پر اسان جي لياقت خدا کان آهي،


۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.


(ڇالاءِ جو، جنهن مختونن جي رسوليت لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير قومن جي لاءِ مون ۾ اثر پيدا ڪيو.)


ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.


جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.


پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي عرض ٿا ڪريون تہ جيڪي اوهان ۾ محنت ڪن ٿا، ۽ خداوند ۾ اوهان جا پيشوا آهن، ۽ اوهان کي نصيحت ٿا ڪن، تن جي عزت ڪريو،


انهي لاءِ ئي اسين پورهيو ٿا ڪريون ۽ ڪشالا پيا ڪڍون، جو اسان جي اُميد انهي زندہ خدا تي رکيل آهي، جو سڀني ماڻهن جو، خاص ڪري ايمان وارن جو، نجات ڏيندڙ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ