Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:5 - Sindhi Bible

5 جيتوڻيڪ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين سڀ نامعلوم ٻوليون ڳالهايو، پر بهتر ائين آهي تہ نبوت ڪريو. ۽ جيڪو نامعلوم ٻوليون ٿو ڳالهائي سو جيڪڏهن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ترجمو نہ ڪري سگهي، تہ انهي کان نبوت ڪندڙ وڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي خدا جو پيغام ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 منھنجي مرضي آھي تہ اوھين سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھايو، پر وڌيڪ سٺو ائين آھي تہ خدا جو ڪلام ٻڌايو. جيڪو عجيب ٻوليون ٿو ڳالھائي سو جيڪڏھن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ انھيءَ جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ انھيءَ کان خدا جو ڪلام ٻڌائيندڙ وڌيڪ سٺو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لابن چيو تہ ڏس، مون کي تنهنجي ڳالهہ قبول آهي.


۽ ايمان آڻڻ وارن ۾ هي نشانيون هونديون: اُهي منهنجي نالي ڀوت ڪڍندا؛ ۽ نيون نيون ٻوليون ڳالهائيندا؛


تنهنڪري اچو تہ جن ڳالهين مان صلح پيدا ٿئي تن ڳالهين جا طالب ٿيون، تہ هڪ ٻئي کي سڌاري سگهون.


۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ،


جيڪڏهن آئون ماڻهن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهايان پر محبت نہ هجيم، تہ آئون وڄندڙ پتل ۽ ڇڻڪندڙ جهانجهہ آهيان.


محبت صابر ۽ مهربان آهي؛ محبت ريس نٿي ڪري، محبت پاڻ کي نٿي پڏائي، محبت ٻٽاڪ نٿي هڻي؛


محبت جا طالب ٿيو، ۽ شوق سان روحاني نعمتن جي آرزو رکو، خاص ڪري انهي لاءِ تہ نبوت ڪريو.


ڇالاءِ جو تون تہ برابر چڱيءَ طرح شڪرگذاري ٿو ڪرين، پر هن ٻئي کي تہ فائدو ڪونہ ٿو رسي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ