Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:34 - Sindhi Bible

34 زالن کي جماعت ۾ ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هنن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪانهي، پر کين تابعدار رهڻ کپي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 نارين کي منڊلين جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي وس هيٺ رهندي خاموش رهن. اهو ئي نيم شاستر ۾ بہ فرمايل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 عورتن کي ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي تابعداري ڪندي خاموش رهن. اهو ئي شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 ايمان وارن جي سڀني ڪليسيائن موجب، ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ عورتن کي چپ رھڻ گھرجي. ھنن کي ڳالھائڻ نہ کپي بلڪ کين تابعدار رھڻ گھرجي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:34
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.


اوهين پاڻهي انصاف ڪري ڏسو، ڀلا اهو ڪو مناسب آهي ڇا تہ زال مٿي اُگهاڙي خدا کان دعا گهُري؟


پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين ڄاڻو تہ سڀ ڪنهن مرد جو سر مسيح آهي، ۽ زال جو سر مرد آهي، ۽ مسيح جو سر خدا آهي.


پر جيڪا زال پنهنجو مٿو اُگهاڙو ڪري دعا ٿي گهُري، يا نبوت ٿي ڪري، سا پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿي ڪري؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ انهي زال جو مٿو ڪُوڙيل آهي.


شريعت ۾ لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو تہ ”آئون ڌارين ماڻهن جي ٻولين ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان هن اُمت سان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻُڌندا.“


۽ جي هو ڀانئين تہ ڪجهہ سِکون تہ اُهو هنن کي گهر ۾ پنهنجن مڙسن کان پڇڻ کپي، ڇالاءِ جو زال جي لاءِ اها شرم جي ڳالهہ آهي تہ جماعت ۾ ڳالهائي.


مطلب هي آهي تہ اوهان مان هرڪو پنهنجيءَ زال کي اهڙو پيار ڪري جهڙو پاڻ کي ٿو ڪري؛ ۽ زال کي بہ گهرجي تہ پنهنجي مڙس کان ڊڄندي رهي.


اي زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهو، جيئن ڪ خداوند ۾ مناسب آهي.


سالم دل، پاڪ دامن، گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ ۽ مهربان، ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ