Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ تہ جيڪو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، سو ماڻهن سان نٿو ڳالهائي، پر خدا سان ٿو ڳالهائي؛ هن ڪري جو ڪوبہ ماڻهو اها ٻولي نٿو سمجهي، مگر هو تہ روح جي ڪري ڳُجهيون ڳالهيون ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو ايشور سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پوِتر آتما جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو خدا سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 جيڪو عجيب ٻوليءَ ۾ ڳالھائي ٿو سو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڳالھائي ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪوبہ سندس ڳالھہ نہ ٿو سمجھي. ھو روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالھيون ٿو ڳالھائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:2
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجهارو وجهون، تہ هو هڪ ٻئي جو ڳالهائڻ سمجهي نہ سگهن.


هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ سندن ڳالهہ ٻولهہ يوسف سمجهي رهيو آهي: ڇالاءِ جو سندن وچ ۾ ٻئي ماڻهوءَ ترجمو ٿي ڪيو.


تڏهن الياقيم بن خلقياہ، ۽ شبناہ، ۽ يواخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ ڀلائي ڪري پنهنجن نوڪرن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اُها سمجهون ٿا: ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهاءِ، متان ڀت تي جيڪي ماڻهو آهن سي ٻڌن.


آءٌ مثلن ۾ ڪلام ڪندس؛ ۽ قديم زماني جون ڳجهارتون ٻڌائيندس.


۽ هن کين ورندي ڏيئي چيو تہ اوهان کي آسمان جي بادشاهت جي ڳجهن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، پر نہ هنن کي.


۽ ايمان آڻڻ وارن ۾ هي نشانيون هونديون: اُهي منهنجي نالي ڀوت ڪڍندا؛ ۽ نيون نيون ٻوليون ڳالهائيندا؛


انهن کي چيائين تہ اوهان کي خدا جي بادشاهي جي ڳجهہ جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، مگر جيڪي ٻاهر آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن طور ٿيون ٻڌائجن،


ڇالاءِ جو انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندو ۽ خدا جي وڏائي ڪندو ٻُڌائون. تڏهن پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ


۽ جڏهن پولس پنهنجا هٿ هنن تي رکيا، تڏهن پاڪ روح مٿن آيو؛ ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا.


۽ جيڪي مون سان هئا، تن اها روشنائي برابر ڏٺي، پر جنهن مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن جو آواز ڪونہ ٻُڌو.


هاڻي جو راز ازل کان وٺي پوشيدہ رکيو ويو هو، ۽ جو هاڻي ازلي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکيتن جي وسيلي، سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهي لاءِ تہ هو ايمان جا تابعدار ٿين،


۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ،


۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،


جيڪڏهن آئون ماڻهن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهايان پر محبت نہ هجيم، تہ آئون وڄندڙ پتل ۽ ڇڻڪندڙ جهانجهہ آهيان.


۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.


نہ تہ جي تون فقط روح سان دعا ڪندين تہ جيڪو ناواقف آهي سو تنهنجي شڪرگذاريءَ ڪرڻ تي ڪيئن آمين چوندو، جڏهن جيڪي تون چوين ٿو سو هو نٿو سمجهي؟


تڏهن اي ڀائرو ڇا؟ جيڪڏهن اوهين گڏ ٿيو ٿا، تڏهن ڪو زبور ٿو ڳائي، ڪو تعليم ٿو ڏئي، ڪو مڪاشفو ٿو ظاهر ڪري، ڪو نامعلوم ٻولي ٿو ڳالهائي، ۽ ڪو سمجهاڻي ٿو ڏئي، پر اهي سڀ ڳالهيون سڌاري لاءِ هئڻ گهرجن.


ڏسو، آئون اوهان کي هڪڙي راز جي ڳالهہ ٿو ٻُڌايان: اسين سڀيئي سمهي ڪين پونداسين، پر سڀيئي بدلجي وينداسين؛


اُهي خدا پنهنجي روح جي وسيلي اسان تي ظاهر ڪيون: ڇالاءِ جو روح سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو، بلڪ خدا جي ڳوڙهين ڳالهين کي سمجهي ٿو وٺي.


پر اسين هڪ راز يعني خدا جي اُها دانائي جا پوشيدہ هئي، ۽ جنهن کي خدا جهان جي شروعات کان اڳيئي اسان جي جلال لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن جو بيان ٿا ڪريون.


۽ منهنجي لاءِ بہ، تہ ڳالهائڻ وقت مون کي ڪلام ٻُڌائڻ جي توفيق ملي، تہ آئون خوشخبريءَ جو راز بهادريءَ سان ظاهر ڪريان؛


خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛


انهي لاءِ تہ انهن جي دلين کي تسلي ملي، ۽ اُهي محبت جي ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن، ۽ سمجهہ جي پوري معموري حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز يعني مسيح کان واقف ٿين؛


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


پر ايمان جي راز کي پاڪ دل ۾ سنڀالي رکڻ وارا هجن.


پر ستين ملائڪ جي آواز جي وقت جڏهن هو تري وڄائيندو تڏهن خدا جو راز پورو ٿيندو، جو هن پنهنجن ٻانهن يعني نبين تي ظاهر ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ