Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 13:8 - Sindhi Bible

8 محبت کي زوال ڪونهي؛ پر جي نبوتون هونديون تہ اهي بند ٿي وينديون؛ جي زبانون هونديون تہ اُهي بس ٿي وينديون؛ جي علم هوندو تہ اُهو ميٽجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پريم ڪڏهن ختم نہ ٿو ٿئي، جڏهن تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو ڪم ختم ٿي ويندو، اڻ‌ڄاتل ٻوليون بند ٿي وينديون، ۽ ڄاڻ ميٽجي ويندي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 محبت ڪڏهن ختم نہ ٿي ٿئي، جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ جو ڪم ختم ٿي ويندو، اڻ‌ڄاتل ٻوليون بند ٿي وينديون، ۽ ڄاڻ ميٽجي ويندي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 محبت کي زوال ڪونھي. پر جتي بہ پيشنگوئيون ھونديون، سي ختم ٿي وينديون، يا جيڪي زبانون ھونديون، سي بند ٿي وينديون، يا جتي علم ھوندو تہ اتي اھو ميٽجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 13:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ادوم بابت: لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: تيمان ۾ ڏاهپ ڪانہ رهي آهي ڇا؟ سياڻن منجهان صلاح مصلحت نڪري ويئي آهي ڇا؟ انهن جي ڏاهپ گم ٿي ويئي آهي ڇا؟


پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج.


هاڻي انتاڪيہ ۾ جيڪا ڪليسيا هئي، تنهن ۾ نبي ۽ معلم هوندا هئا، جيئن تہ برناباس ۽ شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، ۽ ڪيرين جو رهاڪو لوسيس، ۽ منائين، جو ملڪ جي چوٿين پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي درٻار ۾ رهندو هو، ۽ شائول.


۽ جڏهن پولس پنهنجا هٿ هنن تي رکيا، تڏهن پاڪ روح مٿن آيو؛ ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا.


۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.


۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ،


پر جڏهن ڪامليت ايندي، تڏهن گهٽتائي نڪري ويندي.


هاڻي ايمان، اُميد ۽ محبت اهي ٽيئي دائمي آهن، پر انهن سڀني ۾ محبت وڏي آهي.


تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، دل سان نبوت ڪرڻ جي آرزو رکو، ۽ ڌارين ٻولين ۾ ڳالهائڻ جي منع نہ ڪريو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀانئين تہ آئون ڪي ڪجهہ ڄاڻان ٿو، تہ هو اڃا ايترو نٿو ڄاڻي جيترو ڄاڻڻ گهرجي.


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


جڏهن هو نئون عهد ٿو چوي، تڏهن پهرئين کي پراڻو ٺهرايائين. هاڻي جيڪي پراڻو ٿو ٿئي ۽ گهڻن ڏينهن جو ٿيندو وڃي، سو مٽجڻ تي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ