Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:9 - Sindhi Bible

9 ڪنهن کي ساڳئي روح جي ڪري ايمان ٿو ملي، ۽ ڪنهن کي انهي هڪڙي ئي روح جي ڪري شفا ڏيڻ جون نعمتون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ڪنهن کي ساڳي پوِتر آتما وشواس ۾ مضبوطي بخشي ٿي تہ ڪنهن کي اها هڪڙي ئي پوِتر آتما ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو وردان ٿي بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڪنهن کي ساڳيو پاڪ روح ايمان ۾ مضبوطي بخشي ٿو تہ ڪنهن کي اهو هڪڙو ئي پاڪ روح شفا ڏيڻ جي نعمت ٿو عطا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ڪنھن کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي ايمان ٿو ملي ۽ ڪنھن کي انھيءَ ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي شفا ڏيڻ جون نعمتون ملن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيمارن کي شفا ڏجو، مئلن کي جيئارجو، ڪوڙهين کي ڇُٽائي صاف ڪجو، ڀوت ڪڍجو، مفت مليو اٿوَ، مفت ڏجو.


۽ يسوع ورندي ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جي اوهين ايمان آڻيندا ۽ شڪ نہ ڪندا، تہ نہ رڳو جيئن هن انجير جي وڻ سان ڪيو ويو تيئن ڪري سگهندا، پر جي کڻي هن جبل کي چوندا تہ هتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، تہ ائين بہ ٿي پوندو.


۽ نانگ کڻندا، ۽ جيڪڏهن زهر پيئندا تہ انهي مان هنن کي ڪنهن بہ طرح جو جوکو نہ رسندو؛ اُهي بيمارن تي هٿ رکندا ۽ هو چڱا ڀلا ٿي پوندا.


۽ ڪيترا ڀوت ڪڍيائون، ۽ گهڻن ئي بيمارن کي تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.


۽ جيڪي اتي بيمار هجن تن کي چڱو ڀلو ڪجو، ۽ انهن کي چئجو تہ خدا جي بادشاهت اچي ويجهي پهتي اٿوَ.


۽ کين موڪليائين تہ وڃي خدا جي بادشاهت جي منادي ڪريو، ۽ بيمارن کي چڱو ڀلو ڪريو.


تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.


ايتري قدر جو ماڻهو بيمارن کي منجن ۽ کٽولن تي کڻي آڻي رستن تي رکندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن پطرس اچي، تڏهن ٻيو نہ تہ من سندس پاڇو ئي منجهانئن ڪنهن تي پوي.


۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،


سڀني کي شفا ڏيڻ جي طاقت آهي ڇا؟ سڀيئي قسمين قسمين ٻوليون ڳالهائين ٿا ڇا؟ سڀيئي ترجمو ڪن ٿا ڇا؟


۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.


پر جڏهن اسان ۾ اهوئي ساڳيو ايمان جو روح آهي، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو ۽ تنهنڪري مون ڳالهايو؛“ تڏهن اسين بہ ايمان ٿا آڻيون، ۽ تنهنڪري ڳالهايون ٿا؛


ڇالاءِ جو فضل جي ڪري ئي، ايمان جي وسيلي اوهان کي نجات ملي آهي؛ ۽ اُها اوهان جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش آهي –


جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ