Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:6 - Sindhi Bible

6 تاثيرون بہ طرح طرح جون آهيون، پر خدا هڪڙو ئي آهي جو سڀني ۾ هر طرح جو اثر پيدا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 ڪم ڪرڻ جون مهارتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر ايشور تہ هڪڙو ئي آهي، جيڪو سڀني ماڻهن کي طرح طرح جا ڪم ڪرڻ جون مهارتون بخشي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ڪم ڪرڻ جون مهارتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر خدا تہ هڪڙو ئي آهي، جيڪو سڀني ماڻهن کي طرح طرح جا ڪم ڪرڻ جون مهارتون بخشي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ڪم ڪرڻ جا طريقا جدا جدا قسمن جا آھن، پر خدا تہ ھڪڙو ئي آھي، جيڪو سڀني ماڻھن ۾ اھي سڀ ڪم ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، اهي سڀ ڪم خدا انسان جي لاءِ ڪري ٿو، ٻہ ڀيرا بلڪ ٽي ڀيرا.


پر يسوع کين جواب ڏنو، تہ منهنجو پيءُ اڄ تائين ڪم پيو ڪري، ۽ آئون بہ پيو ڪم ڪريان.


پر اهي سڀيئي ڪم هڪڙو ساڳيو روح ٿو ڪري، جو پنهنجي مرضيءَ موجب هرهڪ کي ڌار ڌار نعمت ورهائي ٿو ڏئي.


۽ خدمتون بہ طرح طرح جون آهن، پر خداوند هڪڙو ئي آهي؛


۽ جڏهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ٿي ويو، تڏهن فرزند پاڻ بہ اُنهي جي تابع ٿي ويندو، جنهن سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خدا سڀ ۾ سڀ ڪجهہ هجي.


تنهنڪري پوکيندڙ يا پاڻي ڏيندڙ ٻئي ڪي ڪين آهن، پر خدا ئي آهي جو وڌائي ٿو.


سڀني جو خدا ۽ پيءُ هڪڙو ئي آهي، جو سڀني جي مٿان، ۽ سڀني جي اندر ۽ سڀ منجهہ آهي.


ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.


انهي لاءِ آئون بہ سندس انهيءَ قدرت موافق سرگرميءَ سان محنت پيو ڪريان، جا مون ۾ تمام گهڻو اثر ٿي ڪري.


جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.


سو شل اوهان کي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سندس مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڪامل ڪري، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ پسند آهي سو يسوع مسيح جي وسيلي اسان ۾ پيدا ڪري؛ انهي جي وڏائي هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ