Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:18 - Sindhi Bible

18 پر حقيقت ڪري خدا هرهڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجي مرضيءَ موافق رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 حقيقت ۾ ايشور هر هڪ عضوي کي شرير ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 حقيقت ۾ خدا هر هڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 حقيقت ۾ خدا عضون مان ھر ھڪ عضوي کي بدن ۾ پنھنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.


جيڪي خداوند کي وڻيو سو سڀ هن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ اونهائين ۾ ڪيو آهي.


جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس:


جنهنڪري هنن خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين توکي عرض ٿا ڪريون، تہ هن ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي ڪري اسان کي نہ مار، ۽ بيگناهہ خون اسان تي نہ رک: ڇالاءِ جو، اي خداوند، جيئن توکي وڻيو تيئن تو ڪيو آهي.


انهيءَ گهڙيءَ هن پاڪ روح ۾ سرهو ٿي چيو، تہ اي ابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪر ٿو ڪريان تہ تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏيکاريون اٿيئي: هائو، ابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.


اي ننڍڙا ڌڻ، ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو اوهان جي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ اوهان کي بادشاهت عطا ڪري.


ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي.


۽ جو فضل اسان کي ڏنو ويو هو، اُنهي موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن، تنهنڪري جي نبوت ملي هجي تہ اسين پنهنجي ايمان جي اندازي موجب نبوت ڪريون؛


پر اهي سڀيئي ڪم هڪڙو ساڳيو روح ٿو ڪري، جو پنهنجي مرضيءَ موجب هرهڪ کي ڌار ڌار نعمت ورهائي ٿو ڏئي.


جيڪڏهن سارو بدن اک هجي ها تہ ٻُڌڻ ڪٿي ٿئي ها؟ جيڪڏهن سارو بدن ٻُڌڻ هجي ها تہ سنگهڻ ڪٿان ٿئي ها؟


۽ جي هو سڀ هڪ عضوو هجن ها تہ بدن ڪٿي هجي ها؟


۽ اسان جا زيب وارا عضوا گهڻي ڪم وارا ثابت نٿا ٿين. پر خدا بدن کي اهڙيءَ طرح بنايو جو جيڪو عضوو گهٽ هو، تنهن کي تمام گهڻي عزت ڏنائين؛


۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،


پر خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن اُنهي کي بدن ٿو ڏئي، ۽ هرهڪ داڻي کي پنهنجو پنهنجو بدن ٿو ڏئي.


اپلوس ڪير آهي؟ ۽ پولس ڪير آهي؟ اُهي خادم آهن جن جي وسيلي اوهان ايمان آندو، ۽ جيئن هر ڪنهن کي خدا برڪت ڏني تيئن هن خدمت ڪئي.


۽ هن پنهنجي مرضيءَ جي نيڪ ارادي موجب اسان کي پنهنجي لاءِ اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ يسوع مسيح جي وسيلي سندس گود جا ٻار ٿيون،


جيئن تہ هن پنهنجي مرضيءَ جو راز انهي پنهنجي چڱي ارادي موجب اسان تي ظاهر ڪيو، جو هن پاڻ ۾ ٺهرائي ڇڏيو هو،


اي اسان جا خداوند ۽ اسان جا خدا، تون تعظيم ۽ عزت ۽ قدرت جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تو سڀ شيون پيدا ڪيون، ۽ تنهنجي مرضيءَ ڪري اُهي پيدا ٿيون ۽ هستيءَ ۾ آيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ