Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:12 - Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو جيئن بدن هڪڙو آهي ۽ ان جا عضوا گهڻا آهن ۽ بدن جا سڀ عضوا، اگرچہ گهڻا آهن، تہ بہ گڏجي هڪ بدن آهن، تيئن مسيح بہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جيئن هڪڙي شرير جا عضوا گھڻا آهن، تڏهن بہ اهي سڀيئي عضوا گڏجي هڪڙو شرير ٿين ٿا، تيئن مسيح بہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيئن هڪڙي بدن جا عضوا گھڻا آهن، تڏهن بہ اهي سڀيئي عضوا گڏجي هڪڙو بدن ٿين ٿا، تيئن مسيح بہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جيئن بدن ھڪ ۽ ان جا عضوا گھڻا آھن ۽ بدن جا سڀ عضوا جيتوڻيڪ گھڻا آھن پر تڏھن بہ گڏجي ھڪڙو ئي بدن ٺاھن ٿا، تيئن مسيح بہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن هڪڙي ماني آهي، تيئن اسين جي گهڻا آهيون سي هڪڙو بدن آهيون، ڇالاءِ جو اسين سڀيئي هڪڙيءَ ئي مانيءَ ۾ ڀائيوار ٿا ٿيون.


پر هاڻي عضوا تہ گهڻا ئي آهن، پر بدن هڪڙو ئي آهي.


هاڻي اوهين مسيح جو بدن آهيو، ۽ ڌار ڌار سندس عضوا آهيو.


پر هرهڪ کي روح جو ظهور سڀني جي فائدي لاءِ ٿو ملي.


هاڻي ابراهيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا ويا. هو ائين نٿو چوي تہ ”نسلن سان“ جيئن گهڻن لاءِ چئبو آهي، پر جيئن هڪڙي لاءِ چئبو آهي تہ ”تنهنجي نسل سان“ ۽ اهو مسيح آهي.


جا سندس بدن آهي، ۽ سندس معموري جو هر ڪنهن کي هر طرح سان معمور ٿو ڪري.


انهي لاءِ تہ پاڪ ٿيل ڪامل ٿي، خدمتگاريءَ جو ڪم ڪندا رهن، تہ مسيح جو بدن ترقي ڪري:


هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي روح، جيئن ڪ اوهين بہ پنهنجي ڪوٺ وقت هڪڙي ئي اُميد ۾ ڪوٺيا ويا هئا؛


ڇالاءِ جو مڙس زال جو سر آهي، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا جو سر آهي، جو هو پاڻ بدن جو بچائيندڙ آهي.


ڇالاءِ تہ اسين سندس بدن جا عضوا آهيون،


۽ اهوئي بدن جو، يعني ڪليسيا جو سر آهي: اهو ئي منڍ آهي، ۽ اهو ئي پهريون شخص آهي جو مُئلن منجهان جي اُٿيو؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ هن کي اول درجو هجي.


هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.


پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.


مسيح جو اطمينان، جنهن جي لاءِ اوهين بہ هڪڙي بدن ۾ سڏيا ويا هئا، سو ڀلي تہ اوهان جي دلين تي حڪومت ڪري، ۽ اوهين شڪرگذار رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ