Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:11 - Sindhi Bible

11 پر اهي سڀيئي ڪم هڪڙو ساڳيو روح ٿو ڪري، جو پنهنجي مرضيءَ موجب هرهڪ کي ڌار ڌار نعمت ورهائي ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 مطلب تہ اهو سڀ ڪجھہ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما ٿي ڪري، جيڪا پنهنجي مرضيءَ موجب هر ڪنهن کي جدا جدا وردان ورهائي ٿي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 مطلب تہ اهو سڀ ڪجھہ اهو هڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنهنجي مرضيءَ موجب هر ڪنهن کي جدا جدا نعمتون ورهائي ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 پر اھي سڀيئي ڪم ھڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنھنجي مرضيءَ موجب ھر ڪنھن کي جدا جدا نعمتون ورھائي ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:11
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


هائو، بابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.


مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟


يوحنا جواب ڏيئي چيو، تہ جيسين ڪنهن ماڻهوءَ کي آسمان مان ڪجهہ عطا نہ ٿئي، تيسين کيس اُهو ملي نٿو سگهي.


هوا کي جيڏانهن ٿو وڻي، تيڏانهن پيئي لڳي ۽ سندس آواز توکي ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نٿي پويئي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؛ تهڙي ئي طرح جيڪو روح مان پيدا ٿيو آهي، سو بہ ائين آهي.


ڇالاءِ جو جيئن پيءُ مُردن کي اُٿاري ٿو ۽ جيارين ٿو، تيئن پٽ بہ جن کي وڻيس، تن کي جياري ٿو.


۽ جو فضل اسان کي ڏنو ويو هو، اُنهي موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن، تنهنڪري جي نبوت ملي هجي تہ اسين پنهنجي ايمان جي اندازي موجب نبوت ڪريون؛


تنهنڪري هو جنهن تي رحم ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن تي رحم ٿو ڪري، ۽ جنهن کي سخت دل ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن کي سخت دل ٿو ڪري.


پر حقيقت ڪري خدا هرهڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجي مرضيءَ موافق رکيو آهي.


هاڻي نعمتون تہ طرح طرح جون آهن، پر روح هڪڙو ئي آهي.


تاثيرون بہ طرح طرح جون آهيون، پر خدا هڪڙو ئي آهي جو سڀني ۾ هر طرح جو اثر پيدا ٿو ڪري.


رڳو جيئن خداوند هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو حصو ورهائي ڏنو آهي، ۽ جيئن خدا هر هڪ کي سڏيو آهي، تيئن اهو هلي. ۽ اهو قانون آئون سڀني ڪليسيائن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو ڇڏيان.


انهي هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون جهڙا هجن. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي بخشش ملي آهي، هڪڙي کي هِن طرح، ٻئي کي هُن طرح.


مگر اسين اُنهيءَ حد کان وڌيڪ فخر نٿا ڪريون جا خدا اسان کي مناسب ڄاڻي ورهائي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ خود اوهين بہ اچي ٿا وڃو.


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


۽ اسان مان هرهڪ تي مسيح جي بخشش جي انداز موافق فضل ٿيو آهي.


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


هن پنهنجيءَ مرضيءَ سان حق جي ڪلام جي وسيلي اسان کي پيدا ڪيو، تہ اسين سندس پيدا ڪيل خلقت مان هڪڙي قسم جو پهريون ڦل ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ