Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:4 - Sindhi Bible

4 جيڪو ماڻهو پنهنجو مٿو ڍڪي دعا ٿو گهُري، يا نبوت ٿو ڪري، سو پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جيڪو مرد پنهنجو مٿو ڍڪي پرارٿنا ٿو ڪري يا ايشور جو سنديش ٿو ٻڌائي، سو پنهنجي مٿي جو اپمان ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪو مرد پنهنجو مٿو ڍڪي دعا ٿو گھري يا خدا جو پيغام ٿو ٻڌائي، سو پنهنجي مٿي جي بي‌حرمتي ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 جيڪو مرد پنھنجو سر ڍڪي دعا ٿو گھري يا خدا جو ڪلام ٿو ٻڌائي، سو پنھنجي سر جي بي⁠حرمتي ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا.


۽ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ، هاءِ ابي سلوم منهنجا پٽ، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!


ڇالاءِ جو پٽ پيءُ جي بي عزتي ٿو ڪري؛ ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان وڙهڻ لاءِ سنبري ٿي اچي؛ نهن پنهنجي سس سان؛ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر وارا آهن.


هاڻي انتاڪيہ ۾ جيڪا ڪليسيا هئي، تنهن ۾ نبي ۽ معلم هوندا هئا، جيئن تہ برناباس ۽ شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، ۽ ڪيرين جو رهاڪو لوسيس، ۽ منائين، جو ملڪ جي چوٿين پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي درٻار ۾ رهندو هو، ۽ شائول.


خود طبعي طور اوهان کي خبر نٿي پوي ڇا تہ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ڊگها وار هوندا تہ اها سندس بي آبرو آهي؟


پر جيڪا زال پنهنجو مٿو اُگهاڙو ڪري دعا ٿي گهُري، يا نبوت ٿي ڪري، سا پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿي ڪري؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ انهي زال جو مٿو ڪُوڙيل آهي.


۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ،


۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،


۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ