Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:3 - Sindhi Bible

3 پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين ڄاڻو تہ سڀ ڪنهن مرد جو سر مسيح آهي، ۽ زال جو سر مرد آهي، ۽ مسيح جو سر خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، ناريءَ جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو ايشور آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، عورت جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ھر مرد جو سر مسيح آھي، عورت جو سر مرد آھي ۽ مسيح جو سر خدا آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.


ڏسو منهنجو بندو دانائيءَ سان هلندو، هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، هو وڏي درجي کي رسندو.


ڏسو، مون هن کي اُمتن جي لاءِ شاهد، ۽ انهن جي لاءِ منهندار ۽ سردار مقرر ڪيو آهي.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


اوهان ٻُڌو آهي جو چيومانوَ تہ آئون هليو ٿو وڃان، ۽ وري اوهان وٽ ايندس. جيڪڏهن اوهان جو مون تي پيار هجي ها، تہ هوند خوش ٿيو ها، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان: ڇوتہ پيءُ مون کان وڏو آهي.


۽ اوهين مسيح جا آهيو، ۽ مسيح خدا جو آهي.


پر محبت سان سچ ڳالهائي سڀني ڳالهين ۾ انهي سان گڏجي وڌندا وڃون؛ جو سڀني جو سر آهي، يعني مسيح؛


۽ اهوئي بدن جو، يعني ڪليسيا جو سر آهي: اهو ئي منڍ آهي، ۽ اهو ئي پهريون شخص آهي جو مُئلن منجهان جي اُٿيو؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ هن کي اول درجو هجي.


۽ انهي ۾ اوهين معمور ڪيا ويا آهيو، جو ساريءَ حڪومت ۽ اختيار جو سر آهي.


پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.


اي زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهو، جيئن ڪ خداوند ۾ مناسب آهي.


ساڳيءَ طرح زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهن؛ انهي لاءِ تہ جي انهن مان ڪي ڪلام کي نہ مڃيندا هجن، تہ بہ پنهنجين زالن جي هلت چلت جي ڪري ڪلام ڪرڻ کانسواءِ خدا جي طرف ڇڪجي اچن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ