Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:27 - Sindhi Bible

27 تنهنڪري جيڪو بي پرواهيءَ سان خداوند جي ماني کائيندو، ۽ پيالو پيئندو، سو خداوند جي بدن ۽ رت جي نسبت ۾ ڏوهاري ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 تنهنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور پرڀو يسوع جي روٽي کائيندو ۽ سندس پيالو پيئندو، سو پرڀو يسوع جي شرير ۽ رت جي نسبت ۾ سندس پاپي قرار ڏنو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 تنهنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور خداوند عيسيٰ جي ماني کائيندو ۽ سندس پيالو پيئندو، سو خداوند عيسيٰ جي بدن ۽ رت جي نسبت ۾ سندس گنهگار قرار ڏنو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 تنھنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور خداوند جي ماني کائيندو ۽ پيالو پيئندو، سو خداوند جو سندس بدن ۽ رت جي نسبت ۾ گنھگار ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:27
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪڏهن اوهان مان يا اوهان جي اولاد مان ڪو ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿئي، يا ڪنهن ڏورانهينءَ مسافريءَ ۾ هجي، تہ بہ هو خداوند جي لاءِ فسح جي عيد ملهائي.


پر جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، ۽ مسافريءَ ۾ نہ هجي، ۽ پوءِ بہ فسح ڪرڻ کان رهجي وڃي تہ هو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو وڃي؛ ڇالاءِ جو ٺهرايل وقت تي خداوند جي لاءِ قرباني نہ چاڙهڻ ڪري، اهو ماڻهو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو.


پر جڏهن بادشاهہ مهمانن جي ڏسڻ لاءِ اندر آيو، تڏهن اتي هڪڙو ماڻهو ڏٺائين، جنهن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين هئا.


آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.


اوهين خداوند جو پيالو ۽ ڀوتن جو پيالو ٻئي پي نٿا سگهو. اوهين خداوند جي ميز ۽ ڀوتن جي ميز ٻنهي جا ڀائيوار ٿي نٿا سگهو.


ڇالاءِ تہ جيڪو کائي پيئي ٿو، سو جي خداوند جي بدن جو خيال نٿو رکي، تہ پنهنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي.


تڏهن اوهين خيال ڪريو تہ اُهو شخص ڪيتري نہ وڌيڪ سزا جو لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. ۽ جنهن عهد جي رت سان هو پاڪ ڪيو ويو، تنهن کي هن هڪڙي ناپاڪ شيءِ ليکيو آهي، ۽ فضل جي روح کي بي عزت ڪيو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ