Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:5 - Sindhi Bible

5 انهي هوندي بہ اُنهن مان گهڻن سان خدا راضي نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اهي رڻ پٽ ۾ مارجي ڪيرايا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تنهن هوندي بہ ايشور انهن مان گھڻن سان راضي نہ هو، تنهنڪري اهي رڻ‌پٽ ۾ مري کپي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تنهن هوندي بہ خدا انهن مان گھڻن سان راضي نہ هو، تنهنڪري اهي رڻ‌پٽ ۾ مري کپي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 تنھن ھوندي بہ خدا انھن مان گھڻن سان راضي نہ ھو، تنھنڪري اھي رڻ⁠پٽ ۾ مري کپي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:5
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري هن انهن بابت قسم کڻي چيو تہ، آءٌ هن کي بيابان ۾ ڪيرائي چٽ ڪندس:


اي خداوند تون سڀني پيڙهين ۾ اسان جي پناهہ گاهہ ٿيو آهين.


سو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ اهي منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.


جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان مصر جي ملڪ جي بيابان ۾ حجت ڪئي، تيئن خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهان سان بہ ڪندس.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.


يعني اهي ماڻهو جن انهي ملڪ بابت خراب خبر آندي هئي، سي خداوند جي حضور ۾ طاعون سان مري ويا.


۽ قادس برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، زرد نهر جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ ورهيہ لڳا؛ انهي وچ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ جنگي مرد منزلگاهہ منجهان مري کپي ويا، جيئن ڪ خداوند قسم کڻي انهن کي چيو هو.


۽ اهي ڪير هئا، جن سان هو، چاليهہ ورهيہ ناراض رهيو؟ ڇا اُهي نہ هئا، جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش برپٽ ۾ پيا رهيا؟


هاڻي جيتوڻيڪ اوهان کي اڳيئي سڀني ڳالهين جي سُڌ آهي، تہ بہ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو گهُران، تہ خداوند هڪڙيءَ اُمت کي مصر جي ملڪ مان صحيح سلامت ڪڍڻ کانپوءِ، جن ايمان نہ آندو، تن کي برباد ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ