Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:4 - Sindhi Bible

4 ۽ سڀني اُهو ساڳيو روحاني پاڻي پيتو. ڇالاءِ جو جيڪو روحاني ٽڪر سندن پٺيان پي آيو، تنهن مان هو پاڻي پيئندا هئا، ۽ اهو ٽڪر مسيح هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:4
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف هن کي چيو تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن؛


ست چڱيون ڳئون ست ورهيہ آهن؛ ۽ ست چڱا سنگ بہ ورهيہ آهن: خواب هڪڙو ئي آهي.


هن ٽڪر کي چيريو ۽ پاڻي وهي آيو؛ ۽ سڪيءَ زمين ۾ نديءَ وانگي وهڻ لڳو.


هن بيابان ۾ ٽڪرين کي چيريو، ۽ انهن کي ڄڻ تہ پاتال مان پاڻي پياريائين.


ڏسو هن ٽڪر کي ڌڪ هنيو، ۽ پاڻي نڪري آيو، ۽ نهرون وهڻ لڳيون؛ هو ماني بہ ڏيئي سگهندو ڇا؟ هو پنهنجيءَ اُمت لاءِ گوشت موجود ڪري سگهندو ڇا؟


۽ ڏس، آءٌ اُتي حريب جي ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيهندس، ۽ تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻ تہ انهيءَ مان پاڻي نڪرندو، تہ اهي ماڻهو پيئن. سو موسيٰ بني اسرائيل جي بزرگن جي روبرو ائين ئي ڪيو.


جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.


جڏهن هو انهن کي رڻ پٽ مان وٺي ٿي ويو، تڏهن اهي اُڃيا ڪونہ ٿيا: هن انهن جي لاءِ ٽڪريءَ مان پاڻي وهايو: هن ٽڪريءَ کي چيريو ۽ پاڻي بُڙڪا ڏيئي نڪري آيو.


۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.


هي چار وڏا جانور چار بادشاهہ آهن، ۽ اُهي زمين مان اُٿندا.


پوءِ موسيٰ پنهنجو هٿ ڊگهيري ٻہ ڀيرا ٽڪر تي پنهنجي لٺ هنئي: تہ بي انداز پاڻي نڪري آيو، ۽ جماعت ۽ سندن مال پيتو.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.


پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.


تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي.


هاڻي اها هاجرہ عرب جو سينا جبل آهي، ۽ هاڻوڪي يروشلم جي برابر آهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجن ٻارن سميت غلاميءَ ۾ آهي.


۽ مون اوهان جو گناهہ، يعني جيڪو گابو اوهان جوڙيو هو، تنهن کي کڻي باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو، ۽ انهي کي ڪُٽي پيهي، ڌوڙ جهڙو سنهو ڪيم: ۽ انهي جي رک مون انهيءَ نهر ۾ کڻي اُڇلائي جا جبل مان ٿي نڪتي.


اِهي ايندڙ شين جون علامتون آهن؛ پر اصلي شيون مسيح جون آهن.


ڇالاءِ جو شريعت انهن اچڻ وارين نعمتن جو عڪس آهي، نہ سندين اصلي صورت، تنهنڪري سال بسال جيڪي ساڳيون قربانيون هميشہ ڪرڻ ۾ ٿيون اچن، تن جي وسيلي ماڻهن کي ڪامل ڪري نٿي سگهي.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ