Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:31 - Sindhi Bible

31 تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ ايشور جي مهما خاطر ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 تنھنڪري توڙي اوھين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلوي خاطر ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:31
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، يهوداہ ۽ يروشلم جي هرڪا ديڳ لشڪرن جي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندي: ۽ سڀ قربانيون چاڙهيندڙ ايندا، ۽ اُهي کڻي انهن ۾ رڌيندا: ۽ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪنعاني لشڪرن جي خداوند جي گهر ۾ نہ رهندو.


پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.


پر پرڻيل زال ۽ ڪنواريءَ جي وچ ۾ بہ تفاوت آهي. جيڪا ڪنواري آهي سا خداوند جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ جسم ۾ توڙي روح ۾ پاڪ رهي، پر جيڪا پرڻيل آهي سا دنيا جي شين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي مڙس کي راضي رکان.


۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو.


پر اهي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي سو، اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهي هنڌ کائجو، جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي ڪڍي؛ ۽ تون پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪج.


اتي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو؛ ۽ تنهنجي هٿ جي ڪمائي جنهن ۾ خداوند تنهنجي خدا برڪت وڌي آهي، تنهن لاءِ اوهين پنهنجن گهراڻن سميت خوشيون ڪجو.


۽ جيڪي بہ ڪريو، قول يا فعل، سو سڀ خداوند يسوع مسيح جي نالي تي ڪريو، ۽ انهي جي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيو.


جيڪو بہ ڪم ڪريو سو دل سان ڪريو، ڄڻ تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو؛ نہ ماڻهن جي لاءِ؛


جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ