Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:21 - Sindhi Bible

21 اوهين خداوند جو پيالو ۽ ڀوتن جو پيالو ٻئي پي نٿا سگهو. اوهين خداوند جي ميز ۽ ڀوتن جي ميز ٻنهي جا ڀائيوار ٿي نٿا سگهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 اوهين پرڀو يسوع جي پيالي سان گڏوگڏ ڀوتن جي پيالي مان پي نہ ٿا سگھو. اوهين پرڀو يسوع جي کاڌي سان گڏوگڏ ڀوتن جي کاڌي ۾ شامل ٿي نہ ٿا سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اوهين خداوند عيسيٰ جي پيالي سان گڏوگڏ ڀوتن جي پيالي مان پي نہ ٿا سگھو. اوهين خداوند عيسيٰ جي کاڌي سان گڏوگڏ ڀوتن جي کاڌي ۾ شامل ٿي نہ ٿا سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 اوھين خداوند جي پيالي ۽ ڀوتن جي پيالي ٻنھي مان پي نہ ٿا سگھو ۽ اوھين خداوند جي دسترخوان ۽ ڀوتن جي دسترخوان ٻنھي تي شريڪ ٿي نہ ٿا سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ايلياہ سڀني ماڻهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڪيستائين اوهين ٻن راين جي وچ ۾ پيا منڊڪائيندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو: پر جيڪڏهن بعل آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو. ۽ ماڻهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو.


پر اوهين جي خداوند کي ڇڏيو ٿا، جي منهنجي پاڪ جبل کي وساريو ٿا، ۽ جي نصيب جي جنتري ٺاهيو ٿا، ۽ جي قسمت لاءِ گڏيل شراب جو پيالو ٿا ڀريو؛


جو اوهين جنهن مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آيا آهيو، تنهن ۾ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ سان ۽ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؛ انهي لاءِ تہ اوهين وڍيا وڃو، ۽ زمين جي سڀني قومن ۾ لعنت ۽ ملامت بنجو؟


ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.


جنهن برڪت جي پيالي تي اسين برڪت ٿا گهُرون، سو مسيح جي رت جي شراڪت ناهي ڇا؟ جيڪا ماني اسين ڀڃون ٿا، سا مسيح جي بدن جي شراڪت ناهي ڇا؟


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو، تو علم واري کي بُتن جي مندر ۾ ويهي بُتن تي چاڙهيل قربانيءَ جون شيون کائيندو ڏسي، تہ جي هن جو ايمان ڪمزور هوندو تہ هن جي دل ڪانہ ٿيندي تہ جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور چاڙهيل آهن سي هو بہ کائي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ