Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:20 - Sindhi Bible

20 نہ، بلڪ آئون چوان ٿو تہ جيڪي شيون غير قومون قرباني ٿيون ڪن، سي خدا جي لاءِ قربانيون نہ ٿيون ڪن، پر ڀوتن جي لاءِ ٿيون ڪن. ۽ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين ڀوتن جا ڀائيوار ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 نہ، بلڪ منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ جيڪي بتن تي ٻليدان ڪن ٿا سي ڀوتن لاءِ ٿا ڪن، نہ ايشور لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين ڀوتن سان شامل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 نہ، بلڪ منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ جيڪي بتن تي قربانيون ڪن ٿا سي ڀوتن لاءِ ٿا ڪن، نہ خدا لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين ڀوتن سان شامل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 نہ، بلڪ منھنجو مقصد ھي آھي تہ جيڪي بتن تي قربانيون ڪيون وڃن ٿيون سي ڀوتن لاءِ آھن، نہ خدا لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اوھين ڀوتن سان شريڪ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مٿانهين جاين لاءِ، ۽ جيڪي ٻڪر ۽ گابا هن جوڙيا هئا، تن لاءِ هن ڪاهن مقرر ڪيا.


۽ اڳتي هو ڀوتن جي لاءِ پنهنجون قربانيون نہ چاڙهين، جن جي پيروي ڪندي هو زناڪار ٿيا آهن، اهو هنن جي لاءِ سندن پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون ٿيندو.


۽ چيائينس، تہ جي تون پيرين پئي مون کي سجدو ڪندين، تہ آئون توکي هي سڀ شيون ڏيندس.


ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي.


انهي هوندي بہ انهي وقت اوهين خدا کان ناواقف هئڻ ڪري انهن جي غلاميءَ ۾ رهيا، جي حقيقت ۾ خدا نہ هئا؛


پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.


پر تنهنجي برخلاف مون کي هي چوڻو آهي تہ اها زال ازبيل، جا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنهن جي تون برداشت ٿو ڪرين؛ ۽ اها منهنجن ٻانهن کي زنا ڪرڻ، ۽ بُتن جي قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.


۽ باقي ماڻهو جي انهن آفتن جي ڪري نہ مُئا، تن پنهنجي هٿن جي ڪمن کان توبهہ نہ ڪئي، ۽ نہ انهيءَ کان، تہ بدروحن جي، ۽ سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ پهڻ، ۽ ڪاٺ جي بُتن جي عبادت نہ ڪن؛ جي نہ ڏسن، نہ ٻُڌن ٿا، نڪي هلي ٿا سگهن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ