Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:16 - Sindhi Bible

16 جنهن برڪت جي پيالي تي اسين برڪت ٿا گهُرون، سو مسيح جي رت جي شراڪت ناهي ڇا؟ جيڪا ماني اسين ڀڃون ٿا، سا مسيح جي بدن جي شراڪت ناهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 جڏهن اسين مسيح جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي ايشور جي مهما ٿا ڪريون، تڏهن اها مسيح جي رت ۾ شموليت نہ آهي ڇا؟ ۽ جڏهن اسين روٽي ڀڃي کائون ٿا، تڏهن اها مسيح جي شرير ۾ شموليت نہ آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن اسين مسيح جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي خدا جي واکاڻ ٿا ڪريون، تڏهن اها مسيح جي رت ۾ شراڪت نہ آهي ڇا؟ ۽ جڏهن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏهن اها مسيح جي بدن ۾ شراڪت نہ آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 جڏھن اسين خداوند جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي سندس شڪرانو ٿا ادا ڪريون، تڏھن مسيح جي رت ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟ ۽ جڏھن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏھن مسيح جي بدن ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پيالو کڻي شڪر ڪري چيو، تہ وٺي پاڻ ۾ ورهايو؛


۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.


۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا،


۽ جڏهن هو مٿي ويو، تڏهن ماني ڀڳائين، ۽ کائڻ ويٺو، ۽ گهڻي وقت تائين هنن سان ويٺي ڳالهايائين، تان جو اچي پرهہ ڦٽي؛ پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو.


۽ هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن اسين ماني ڀڃڻ لاءِ گڏ ٿياسين، تڏهن پولس ٻئي ڏينهن اُتان نڪرڻ جي ارادي سان، ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ لڳو، ۽ آڌيءَ رات تائين تقرير ڪندو رهيو.


خدا سچو آهي، جنهن اوهان کي پنهنجي فرزند، اسان جي خداوند يسوع مسيح سان شريڪ ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


آئون اوهان سان سمجهو ماڻهو ڄاڻي ٿو ڳالهايان، ۽ جيڪي چوان ٿو تنهن جي جاچ ڪريو.


ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو.


ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛


جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.


پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ