Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:14 - Sindhi Bible

14 تنهنڪري، اي عزيزو، بُت پرستيءَ کان ڀڄو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 تنهنڪري اي پريميؤ! بتن جي پوجا کان ڀڄو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهنڪري اي عزيزؤ! بت‌پرستيءَ کان ڀڄو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 تنھنڪري اي عزيزو! بت⁠پرستيءَ کان ڀڄو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:14
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بُتن تي چاڙهي ناپاڪ ڪيون اٿن، ۽ زنا، ۽ جن جانورن کي گهوگهو ڏيئي ماريو اٿن، تن سڀني کان، ۽ رت کان پاسو ڪن.


اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“


آئون اوهان سان سمجهو ماڻهو ڄاڻي ٿو ڳالهايان، ۽ جيڪي چوان ٿو تنهن جي جاچ ڪريو.


تڏهن آئون ڇا ٿو چوان؟ ائين ٿو چوان ڇا تہ بُتن جي قرباني بہ ڪا شيءِ آهي، يا بُت بہ ڪا شيءِ آهي؟


نڪي اوهين بُت پرست ٿيو، جهڙا هنن مان ڪي ٿيا هئا، جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ ويٺا ۽ نچڻ ٽپڻ اُٿيا.“


پر هاڻي آئون اوهان کي لکان ٿو تہ جيڪي ڀائر ٿا سڏائين، تن مان جيڪڏهن ڪو زناڪار، يا لالچي، يا بت پرست، يا گلاخور، يا شرابي، يا ظالم هجي تہ انهي سان صحبت نہ رکو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ سان گڏ کائو بہ نہ.


سو ڇو؟ انهي لاءِ ڇا تہ آئون اوهان کي پيار نٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آئون اوهان کي پيار ٿو ڪريان.


۽ آئون گهڻيءَ خوشيءَ سان اوهانجن روحن لاءِ خرچ ڪندس، ۽ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جيڪڏهن آئون اوهان کي گهڻو پيار ڪريان، تہ اوهين ڪو مون کي گهٽ پيار ڪندا ڇا؟


هيستائين اوهين شايد ائين پيا سمجهو تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجو بچاءُ پيا ڏيون؟ اسين تہ خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح ۾ ٿا ڳالهايون. پر اي پيارو، سڀ ڳالهيون اوهان جي سڌاري لاءِ آهن.


تنهنڪري اوهين انهن منجهان نڪري اچو ۽ ڌار ٿيو، ۽ ڪنهن بہ پليت شئي کي هٿ نہ لايو، ۽ آئون اوهان کي قبول ڪندس؛


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو.


پولس، جو مسيح يسوع جي خاطر قيدي آهي، تنهنجي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان اسان جي پياري ۽ هم خدمت فليمون ڏانهن،


پر اي پيارو، جيتوڻيڪ اسين اهي ڳالهيون ڪريون ٿا، تڏهن بہ اوهان جي نسبت ۾ نجات جي بهتر ڳالهين جو يقين ٿا رکون.


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


اي ننڍڙا ٻارو، پاڻ کي بُتن کان بچائجو.


۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.


پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ