Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:11 - Sindhi Bible

11 هاڻي اهي ڳالهيون اُنهن سان ٿيون تہ هو عبرت وٺن، ۽ اسين جي آخرين زماني ۾ آهيون تن جي نصيحت لاءِ اهي لکيون ويون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان انتم زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان آخري زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ساڻن ھي واقعا انھيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن اھي عبرت کائين ۽ اسين، جيڪي آخرين زماني ۾ آھيون، تن جي نصيحت لاءِ اھي ڳالھيون لکيون ويون آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو انهن انهيءَ رات بہ پنهنجي پيءُ کي مئي پياري، ۽ ننڍي اُٿي وڃي ساڻس گڏ سُتي؛ پر هن کي اهو سماءُ ڪونہ رهيو تہ هوءَ ڪڏهن سُتي ۽ ڪڏهن اٿي.


هيءَ ڳالهہ ايندڙ پيڙهيءَ جي لاءِ لکبي: ۽ جيڪا اُمت پيدا ٿيندي سا خداوند جي تعريف ڪندي.


انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


۽ جنهن دشمن اُهي پوکيا، سو آهي شيطان: ۽ لاباري جو وقت آهي جهان جي پڄاڻي، ۽ لاهيارا آهن ملائڪ.


تنهنڪري جيئن جهنگلي ٻج گڏ ڪري باهہ ۾ ساڙيندا آهن، تيئن جهان جي پڄاڻيءَ ۾ بہ ٿيندو.


۽ وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهي لاءِ تہ هينئر ئي اهو وقت اچي پهتو آهي، جنهن ۾ اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو: ڇوتہ جنهن وقت اسان ايمان آندو هو، تنهن وقت جي نسبت ۾ هينئر اسان جي نجات زيادہ ويجهي آئي آهي.


رات گهڻي گذري ويئي آهي، ۽ ڏينهن ٿيڻ تي آهي: تنهنڪري اچو تہ اوندهہ جا ڪم ڇڏي سوجهري جا هٿيار ٻَڌون.


ڇالاءِ تہ جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون هيون، سي اسان جي تعليم لاءِ لکيون ويون، تہ صبر جي ڪري، ۽ پاڪ لکيتن جي تسلي جي ڪري، اسان کي اُميد حاصل ٿئي.


هاڻي اها سندس لاءِ راستبازي ليکجڻ ۾ آئي، سا ڳالهہ فقط هن جي لاءِ ڪانہ ليکي ويئي هئي؛


هاڻي اهي ڳالهيون اسان جي لاءِ مثال هيون، انهي لاءِ تہ اسين خراب شين جي خواهش نہ ڪريون، جيئن هنن ٿي ڪئي.


پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ وقت تنگ اچي ٿيو آهي، تنهنڪري اڳتي سگهرا ڇڙن جهڙا ٿي رهن،


يا هو خاص اسان جي لاءِ بہ ائين ٿو چوي؟ هائو، اهو اسان لاءِ لکيو ويو آهي، تہ هاريءَ کي اُميد رکي هر ڏيڻ گهرجي، ۽ جيڪو اَن ڳاهي ٿو تنهن کي اها اميد رکڻ گهرجي تہ انهي مان حصو ملندس.


انهن ڳالهين ۾ هڪڙو مثال آهي: ڇالاءِ جو اهي زالون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن؛ هڪڙو سينا جبل وارو، جنهنڪري غلام ئي پيدا ٿا ٿين، ۽ اُها آهي هاجرہ.


شل اوهان جي بردباري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. خداوند نزديڪ آهي.


۽ پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪ ماڻهن جو دستور آهي، بلڪ هڪٻئي کي نصيحت ڪريون، ۽ جيئن جيئن اوهين اُهو ڏينهن ويجهو ايندو ڏسو، تيئن وڌيڪ انهيءَ طرح ڪندا رهو.


”ڇالاءِ جو تمام ٿوري مدت باقي آهي جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.


اي ننڍڙا ٻارو، پڇاڙيءَ واري گهڙي اچي پهتي آهي: ۽ جيئن اوهان ٻُڌو آهي تہ مخالف مسيح اچڻ وارو آهي، تيئن هاڻي ئي گهڻا مخالف مسيح پيدا ٿيا آهن؛ تنهن مان اسين سمجهون ٿا تہ پوئين گهڙي اچي پهتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ