Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:4 - Sindhi Bible

4 آئون هميشہ اوهان لاءِ خدا جي انهي فضل جي ڪري شڪر ٿو ڪريان، جو هن مسيح يسوع ۾ اوهان تي ڪيو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 ايشور جيڪا ڪرپا يسوع مسيح ۾ اوهان کي بخشي آهي، تنهن جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ هميشہ پنهنجي ايشور جو شڪر ڪندو رهان ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 خدا جيڪو فضل عيسيٰ مسيح ۾ اوهان کي عطا ڪيو آهي، تنهن جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ هميشہ پنهنجي خدا جو شڪر ڪندو رهان ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 آءٌ اوھان لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪندو رھان ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان تي فضل ڪيو آھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن چين تہ سڀ ماڻهو اها ڳالهہ قبول ڪري ڪين سگهندا، رڳو اُهي قبول ڪندا جن کي اهڙي طاقت مليل آهي.


جي اوهين منهنجي نالي تي ڪي بہ گهُرندا، تہ آئون اُهو ڪندس.


۽ آئون پيءُ کي سوال ڪندس، ۽ هو اوهان کي ٻيو مددگار ڏيندو تہ اُهو اوهان سان هميشہ تائين رهي،


پر مددگار يعني پاڪ روح، جنهن کي پيءُ منهنجي نالي موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، ۽ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، سي سڀ اوهان کي ياد ڏياريندو.


پر جڏهن اُهو مددگار ايندو، جنهن کي آئون پيءُ وٽان اوهان وٽ موڪليندس، يعني سچ جو روح، جو پيءُ مان ٿو نڪري، تڏهن اُهو منهنجي بابت شاهدي ڀريندو:


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


۽ جڏهن انهن اهو ٻُڌو، تڏهن خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چيائونس، تہ ادا، توکي خبر آهي تہ يهودين منجهان ڪيترائي هزار آهن جن ايمان آندو آهي؛ ۽ اهي سڀ شريعت بابت ڏاڍا جوشيلا آهن:


پهريائين، تہ اوهان سڀني جي حق ۾ يسوع مسيح جي وسيلي پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جو اوهان جي ايمان جي ساريءَ دنيا ۾ پڌرائي ٿي ويئي آهي.


پر خدا جو شڪر آهي، جو جيتوڻيڪ اوهين گناهہ جا غلام هئا، تہ بہ جيڪا تعليم اوهان کي ڏني ويئي، تنهن جا دل سان تابعدار ٿيا؛


اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح کان فضل ۽ اطمينان اوهان کي ملندو رهي.


۽ ايمان ۽ محبت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن سان اسان جي خداوند جو فضل مون تي نهايت گهڻو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ