Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:29 - Sindhi Bible

29 تہ متان ڪو انسان خدا جي اڳيان فخر ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 مطلب تہ ڪوبہ انسان ايشور جي آڏو پاڻ تي فخر نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 مطلب تہ ڪوبہ انسان خدا جي آڏو پاڻ تي فخر نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 مطلب تہ ڪوبہ انسان خدا جي آڏو فخر نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:29
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي پنهنجيءَ دولت تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ پنهنجي گهڻيءَ ملڪيت تي ٿا ڪُڏن؛


ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري:


تنهنڪري مسيح يسوع ۾ مون کي خدا جي خدمت تي فخر آهي.


هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.


تڏهن فخر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڪوبہ نہ، ڪهڙي قسم جي شريعت ڪري؟ ڇا عملن جي شريعت جي ڪري؟ نہ، پر ايمان جي شريعت جي ڪري.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ابراهيم عملن جي ڪري راستباز ٺهرايو وڃي ها، تہ فخر ڪرڻ جو سبب هجيس ها، پر خدا جي حضور ۾ نہ.


انهي لاءِ تہ جيئن لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“


ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟


اوهين جو فخر ٿا ڪريو سو چڱو نہ آهي. اها خبر نہ اٿوَ ڇا، تہ ٿورو ئي خمير ساري ڳوهيل اٽي کي خميرو ڪيو ڇڏي؟


نہ عملن جي ڪري، متان ڪوبہ فخر ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ