Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:21 - Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو جڏهن خدا جي ڏاهپ موجب جهان پنهنجي ڏاهپ سان خدا کي نہ سڃاتو، تڏهن خدا جي اها مرضي ٿي تہ مناديءَ جي بيوَقوفيءَ جي وسيلي، ايمان آڻڻ وارن کي نجات ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 ايشور پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ ايشور جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي سنديش وسيلي وشواس آڻين، جيتوڻيڪ اهو سنديش سنسار جي نظر ۾ مورکتا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 خدا پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ خدا جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام وسيلي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اهو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:21
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

داني ايل چيو تہ شل خدا جو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي: ڇالاءِ جو حڪمت ۽ قدرت انهيءَ جي آهي:


انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي،


انهيءَ گهڙيءَ هن پاڪ روح ۾ سرهو ٿي چيو، تہ اي ابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪر ٿو ڪريان تہ تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏيکاريون اٿيئي: هائو، ابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.


اي ننڍڙا ڌڻ، ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو اوهان جي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ اوهان کي بادشاهت عطا ڪري.


هاڻي هن دنيا جي عدالت ٿيندي: هاڻي هن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍندا.


۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛


واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي!


ڇالاءِ جو صليب جو پيغام اُنهن لاءِ بيوَقوفي آهي جي برباد پيا ٿين، پر اسين جي نجات حاصل پيا ڪريون، تن جي لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي.


پر اسين مسيح مصلوب جي منادي ٿا ڪريون، جو يهودين جي لاءِ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ غير قومن جي لاءِ بيوَقوفي آهي؛


پر يهودي توڙي يوناني، جي سڏيا ويا آهن، تن جي لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي.


ڇالاءِ جو خدا جي بيوَقوفي ماڻهن کان زيادہ ڏاهپ واري آهي، ۽ خدا جي ڪمزوري ماڻهن کان زيادہ زور واري آهي.


پر خدا جهان جي بيوَقوفن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ڏاها آهن، تن کي شرمندو ڪري؛ ۽ خدا جهان جي ڪمزورن کي چونڊيو تہ زور وارن کي شرمندو ڪري؛


پر جڏهن خداوند اسان کي جاچي ٿو تڏهن اسان کي سيکت ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ اسين دنيا سان گڏ ڏوهاري ثابت نہ ٿيون.


هاڻي جسماني ماڻهو خدا جي روح جون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، ڇالاءِ جو اُهي هن جي لاءِ بيوَقوفي آهن، ۽ اهي هو سمجهي بہ نہ ٿو سگهي، ڇالاءِ جو اهي روحاني طرح جاچي سگهبيون آهن.


اسين مسيح جي خاطر بيوقوف آهيون، پر اوهين مسيح ۾ ڏاها آهيو؛ اسين ضعيف آهيون، پر اوهين زور وارا آهيو. اوهين عزت وارا آهيو، پر اسين بي عزت آهيون.


يا ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ پاڪ ٿيل دنيا جو انصاف ڪندا؟ ۽ جي دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ ننڍڙن معاملن جي فيصل ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟


پر جنهن خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنهنجي فضل سان سڏيو، تنهن جي جڏهن اها مرضي ٿي


انهي هوندي بہ انهي وقت اوهين خدا کان ناواقف هئڻ ڪري انهن جي غلاميءَ ۾ رهيا، جي حقيقت ۾ خدا نہ هئا؛


جيئن تہ هن پنهنجي مرضيءَ جو راز انهي پنهنجي چڱي ارادي موجب اسان تي ظاهر ڪيو، جو هن پاڻ ۾ ٺهرائي ڇڏيو هو،


انهي لاءِ تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي خدا جي طرح طرح جي حڪمت، آسماني جاين ۾ حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي،


ڇالاءِ جو پيءُ جي اها مرضي هئي تہ ساري ڀرپوري منجهس رهي؛


هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟


تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري.


۽ جا دعا ايمان سان گهُربي، سا بيمار کي بچائيندي، ۽ خداوند انهي کي اُٿاري کڙو ڪندو؛ ۽ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ انهن جي معافي ملنديس.


تہ ان کي ڄاڻڻ گهرجي تہ جيڪو ڪنهن گنهگار کي گمراهيءَ کان ڦيرائي صحيح راهہ تي ٿو آڻي، سو پنهنجي جان کي موت کان بچائيندو ۽ گهڻا گناهہ ڍڪي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ