Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:19 - Sindhi Bible

19 ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ڏاهن جي ڏاهپ چٽ ڪندس، ۽ سياڻن جي سياڻپ رد ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 اهو ايشور جي پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”آءٌ ڏاهن جي ڏاهپ ناس ڪندس ۽ عقلمندن جي عقل کي بيڪار ڪري ڇڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اهو خدا جي پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”آءٌ ڏاهن جي ڏاهپ نابود ڪندس ۽ عقلمندن جي عقل کي بيڪار ڪري ڇڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”آءٌ ڏاھن جي ڏاھپ بيڪار ڪندس ۽ عالمن جو علم رد ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:19
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ضعن جا شهزادا بلڪل بي عقل آهن؛ فرعون جي تمام ڏاهن جي صلاح حماقت آهي: فرعون کي اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ آءٌ ڏاهن جو پٽ ۽ شاهاڻي نسل مان آهيان؟


۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


تنهن ڪري ڏس، آءٌ هن اُمت ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم، ۽ انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ انهن جي سمجهہ وارن جي سمجهہ گم ٿي ويندي.


اي قومن جا بادشاهہ، ڪير تو کان نہ ڊڄندو؟ ڇالاءِ جو اهو توکي ئي ٿو جُڳائي: ڇالاءِ جو قومن جي سڀني ڏاهن ماڻهن ۾ ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟


ڇالاءِ جو هن جهان جي ڏاهپ خدا جي اڳيان بيوَقوفي آهي. هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”هو ڏاهن کي سندن هوشياريءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“


اسين مسيح جي خاطر بيوقوف آهيون، پر اوهين مسيح ۾ ڏاها آهيو؛ اسين ضعيف آهيون، پر اوهين زور وارا آهيو. اوهين عزت وارا آهيو، پر اسين بي عزت آهيون.


هاڻي اي ڀائرو، انهن ڳالهين ۾ مون اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين اسان کان سکو تہ جيڪي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تنهن موجب هلو، ۽ اوهان مان ڪو هڪڙي جو طرف وٺي ٻئي جي برخلاف نہ ڳالهائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ