Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:10 - Sindhi Bible

10 هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي اوهان کي عرض ٿو ڪريان، تہ اوهين سڀيئي هڪ ڳالهہ تي اچي بيهو: ۽ اوهان ۾ ڪي بہ جدائيون نہ پون، بلڪ اوهين يڪدل ۽ يڪراءِ ٿي پاڻ ۾ گڏجي يڪ مُشت ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ يڪ راءِ ٿيو، تہ جيئن اوھان ۾ ڪابہ اڻ⁠بڻت پيدا نہ ٿئي. اوھين يڪ دل ۽ يڪ راءِ ٿي پاڻ ۾ مڪمل ٻڌي ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:10
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو اها ڪهڙي نہ چڱي ۽ وڻندڙ ڳالهہ آهي، تہ ڀائر پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن!


۽ آءٌ هنن کي هڪڙي دل ۽ هڪڙي واٽ ڏيندس، تہ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن، تہ کين، ۽ کانئن پوءِ سندن اولاد کي چڱائي رسي:


۽ ڪوبہ ماڻهو پراڻي ڪوٽ تي ڪوري ڪپڙي جي چتي ڪونہ ٿو لڳائي، ڇالاءِ جو جيڪي جاءِ ڀرڻ لاءِ ٿو لڳائجي، تنهن جي ڪري ڪوٽ ڇڄي ٿو، پوءِ اُلٽو وڌيڪ انگ اچيو وڃي.


ڪوبہ ماڻهو پراڻي ڪوٽ تي ڪوري ڪپڙي جي چتي ڪونہ ٿو لڳائي، ڇالاءِ تہ اُها ڪوري چتي جا پراڻي ڪوٽ تي ٿي لڳائجي، يعني ڪوري پراڻي کي ڇڪي ٿي، پوءِ اُلٽو وڌيڪ انگ اچيو وڃي.


۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، تہ اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي.


انهن ڳالهين ڪري يهودين ۾ وري بہ اچي اختلاف پيو.


آئون هنن ۾ ۽ تون مون ۾، تہ اهي پوريءَ طرح سان هڪ ٿي ڪماليت کي پهچن؛ انهي لاءِ تہ دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آهي، ۽ انهن کي پيار ڪيو اٿيئي، جيئن تو مون کي پيار ڪيو آهي.


تنهن تي هن جي ڪري ماڻهن ۾ اچي جدائي ٿي.


تنهن تي فريسين مان ڪي چوڻ لڳا تہ هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ آهي، ڇالاءِ تہ هو سبت جو ڏينهن نٿو واري. پر ٻيا چوڻ لڳا تہ جو ماڻهو گنهگار آهي، سو اهڙا معجزا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ۽ هنن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو.


۽ ايمان وارن جي جماعت يڪ دل ۽ يڪ جان هئي، ۽ منجهانئن ڪوبہ ائين ڪونہ چوندو هو تہ جيڪا ملڪيت مون وٽ آهي سا منهنجي آهي. بلڪ هو سڀني شين ۾ هڪ جهڙا ڀائيوار هوندا هئا.


۽ اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان بي خبر رهو تہ ڪيترائي ڀيرا مون اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، انهي لاءِ تہ جهڙيءَ طرح ٻين قومن مان مون کي ڦل مليو آهي، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪو ڦل مليم، پر هيستائين روڪ پئي ٿي اٿم.


تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.


پاڻ ۾ يڪدل ٿي رهو. وڏن وڏن خيالن تي پنهنجي دل نہ ڄمايو، پر جيڪي نماڻا آهن تن سان سنگت رکو. پاڻ کي عقل وارا نہ سمجهو.


هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خاطر، ۽ روح جي محبت جي خاطر، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي مون لاءِ دليون جانيون خدا کان دعا گهُرندا رهو؛


هاڻي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي، تنهن جي برخلاف جيڪي نفاق ٿا وجهن ۽ گمراهہ ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن، تن کي نظر ۾ رکجو، ۽ کانئن پاسو ڪجو.


ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان جي نسبت مون کي ڪلوئيءَ جي گهراڻي وارن کان معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ۾ جهيڙا جهڳڙا آهن.


ڇالاءِ جو پهريائين مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو آهي تہ ڪليسيا ۾ گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ جدائيون ٿيون ٿين؛ ۽ انهيءَ ڳالهہ تي مون کي ڪجهہ قدر اعتبار بہ اچي ٿو؛


انهي لاءِ تہ بدن ۾ ڪو تفرقو نہ پوي، ۽ سڀيئي عضوا هڪ ٻئي جي هڪ جهڙي سنڀال ڪن.


هن ڪري جو اوهين اڃا جسماني آهيو، ڇو جو جڏهن اوهان ۾ حسد ۽ جهيڙو جهڳڙو آهي، تڏهن اوهين جسماني ناهيو ڇا، ۽ دنياوي ماڻهن وانگر نٿا هلو ڇا؟


تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين بہ مون جهڙا ٿيو.


هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:


آخر ۾، اي ڀائرو، شل خوش هجو. ڪامل ٿيو؛ دلجاءِ ڪريو؛ يڪ دلا ٿيو؛ اطمينان ۾ رهو؛ ۽ خدا، جو محبت ۽ اطمينان جو چشمو آهي، سو اوهان سان هجي.


هن ڪري جو جڏهن اسين ڪمزور آهيون ۽ اوهين زور وارا آهيو، تڏهن اسان کي خوشي ٿي ٿئي، ۽ اسين اها بہ دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪامل ٿيو.


تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.


۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.


اي ڀائرو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، تہ جهڙو آئون آهيان تهڙا ٿيو، ڇالاءِ جو آئون بہ اهڙو آهيان جهڙا اوهين آهيو. اوهان مون کي ڪو اهنج ايذاءُ ڪونہ رسايو آهي:


رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.


اسان کي رڳو هيترو ڪرڻ کپي تہ جنهن منزل تائين پهتا آهيون، انهيءَ تي هلندا هلون.


۽ کين سندن خدمت جي سببان محبت سان گهڻو مانُ ڏيو. پاڻ ۾ صلح سانت سان رهو.


هاڻي اي ڀائرو، اسان جو خداوند ايندو ۽ اسين سندس حضور ۾ گڏ ٿينداسين، تنهن بابت اسين عرض ٿا ڪريون،


خدا ۽ مسيح يسوع، ۽ چونڊيل ملائڪن جي حضور ۾ آئون توکي تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن ڳالهين تي بنا تعصب عمل ڪر ۽ ڪنهن بہ ڪم ۾ پاسخاطري نہ ڪر.


آئون خدا، ۽ يسوع مسيح جي اڳيان توکي تاڪيد ٿو ڪريان جو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندو، ۽ سندس ظهور ۽ سندس بادشاهت جي يادگيري ڏياري ٿو چوان؛


پوءِ اُهي جلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وٽ آيا، ۽ ساڻن ڳالهہ ٻولهہ ڪري چيائون، تہ


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ