Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:1 - Sindhi Bible

1 پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب يسوع مسيح جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهيان. هي اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان بہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهيان. هي اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان بہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھيءُ خط مون پولس ۽ اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان آھي. مون کي خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول ڪري چونڊيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:1
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ڏينهن ٿيو تڏهن پنهنجن شاگردن کي سڏيائين، ۽ منجهانئن ٻارهن ڄڻا چونڊيائين، جن کي رسول پڻ ڪري ڪوٺيائين؛


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.


تڏهن يسوع وري چين تہ السلام عليڪم: جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آئون بہ اوهان کي ٿو موڪليان.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


تنهن ڏينهن تائين، اي ٿيوفلس، جيڪي ڪي هو ڪندو رهيو، توڙي سيکاريندو رهيو، سو سڀ ڪجهہ مون پنهنجي اڳوڻي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي.


پوءِ هنن سڀني عبادتخاني جي سردار سوسٿنيس کي پڪڙي عدالت جي اڳيان مارڪٽ ڪئي. ۽ گليو کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي.


پوءِ مون کي چيائين تہ هتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ جو آئون توکي هتان پري غير قومن ۾ موڪليندس.


پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،


۽ هميشہ اهو سوال پيو ڪريان، تہ نيٺ ڪنهن نہ ڪنهن رستي خدا جي مرضيءَ موجب اوهان وٽ اچڻ جو شل مون کي ڪو وجهہ ملي.


جنهن جي معرفت اسان کي فضل ۽ رسالت ملي، انهي لاءِ تہ سندس نالي جي خاطر سڀني قومن مان ماڻهو ايمان جا تابعدار ٿين،


ڇالاءِ جو آئون رسولن ۾ سڀني کان ننڍو آهيان ۽ رسول سڏجڻ جو لائق نہ آهيان، ڇو جو مون خدا جي ڪليسيا کي ستايو هو.


ڇالاءِ جو اسين سڀ خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، اوهين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آهيو.


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:


ڇالاءِ جو آئون پاڻ کي انهن افضل رسولن کان ذرو بہ گهٽ نٿو سمجهان.


حقيقت ڪري رسول هئڻ جون نشانيون اوهان اڳيان گهڻي صبر سان، نشانن ۽ عجيب ڪمن ۽ معجزن سان، ظاهر ڪيون ويون.


۽ نہ رڳو هنن اسان جي اميد موافق ڏنو، پر پنهنجو پاڻ پهرين خداوند کي ڏيئي، پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان کي بہ ڏنائون.


پولس، جو نہ انسان جي پاران، نڪي انسان جي وسيلي، پر يسوع مسيح جي وسيلي، ۽ خدا پيءُ، جنهن انهي کي مُئلن مان اُٿاريو، تنهن جي طرفان رسول آهي،


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان انهن پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي افسس ۾ آهن ۽ مسيح يسوع ۾ ايماندار آهن؛


۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان،


پولس، جو اسان جي نجات ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اُميد، مسيح يسوع جي حڪم موجب، مسيح يسوع جو رسول آهي،


آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.


پولس، جو انهيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جيڪا مسيح يسوع ۾ آهي، ۽ خدا جي مرضيءَ سان مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ