6 ۽ زارح جي پٽن مان؛ يعوايل ۽ انهن جا ڀائر، ڇهہ سؤ ۽ نوي.
تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ نڪتو، جنهن جي هٿ تي قرمزي ڌاڳو ٻڌل هو: ۽ انهي جو نالو زارح رکيائون.
۽ يهوداہ جا پٽ؛ عير، اُونان، سيلہ، فارص ۽ زارح: (انهن مان عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا.) ۽ فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول.
۽ انهيءَ جي ننهن تمر مان هن کي فارص ۽ زارح ڄاوا. يهوداہ جا سڀ پٽ پنج هئا.
۽ زارح جا پٽ؛ زمري، ۽ ايتان، ۽ هيمان، ۽ ڪلڪول، ۽ دارع: مڙئي پنج ڄڻا.
۽ سيلونين مان؛ عساياہ پهريون ڄاول، ۽ ان جا پٽ.
۽ بنيمين جي پٽن مان؛ سلو بن مسلام، بن هوداوياہ، بن هسينوآہ؛
۽ يهوداهہ جا ٻيا پٽ ۽ سندن گهراڻا؛ سيلہ، جنهن کان سيلين جو گهراڻو شروع ٿيو: فارص، جنهن کان فارصين جو گهراڻو شروع ٿيو: زارح، جنهن کان زارحين جو گهراڻو شروع ٿيو.