Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 9:31 - Sindhi Bible

31 ۽ لاوين مان هڪڙو متتياہ، جو سلوم قرحيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو، سو انهن شين تي مقرر هوندو هو جي تئيءَ ۾ پچائبيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 متتياہ نالي هڪڙو لاوي جيڪو سلوم قورحيءَ جو پهريتو ٻار هو، سو نذراني جون مانيون پچائڻ تي مقرر هوندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 9:31
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن گهڻو زور ڪين، تڏهن هو ڏانهنس وريا، ۽ سندس گهر آيا؛ ۽ هن سندن مهماني ڪئي، ۽ فطيري ماني پچايائين ۽ هنن کاڌو.


۽ نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ميدو، خواہ اها اڻ خميري ماني، يا تئي تي پڪل يا تريل شيءِ هجي، تہ هو انهن جي تور ۽ ماپ جو ڪم ڪن؛


۽ دربان، سلوم، ۽ عقوب، ۽ طلمون، ۽ اخيمان، ۽ انهن جا ڀائر؛ سلوم منجهن سردار هو؛


۽ سلوم بن قوري، بن ابي آسف، بن قورح، ۽ انهيءَ جا ڀائر سندس پيءُ جي گهراڻي مان. يعني قورحي، عبادت جي ڪم جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ تنبوءَ جي دروازن جا نگهبان هوندا هئا: ۽ انهن جا ابا خداوند جي لشڪرگاهہ جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ اندر گهڙڻ واري در جا نگهبان هوندا هئا؛


اهي سڀيئي جي درن جي لاءِ چونڊي دربان ڪري رکيا ويا هئا، سي ٻہ سؤ ٻارنهن ڄڻا هئا. اهي سندن نسب نامي موجب سندن ڳوٺن ۾ شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن کي دائود ۽ سموئيل نبيءَ سندن عهدن تي مقرر ڪيو هو.


ڇالاءِ جو چار مکيہ دربان، جي لاوي هوندا هئا، سي ٺهرايل عهدي تي هوندا هئا، ۽ اهي خدا جي گهر ۾ ڪوٺين تي ۽ خزانن تي هوندا هئا.


۽ جيڪڏهن تنهنجي قرباني تئي تي پڪل کاڌي جي قرباني هجي، تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي فطيريءَ مانيءَ جي هجي.


۽ جيڪڏهن تنهنجي قرباني تريل کاڌي جي قرباني هجي، تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي هئڻ گهرجي.


۽ کاڌي جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: هارون جا پٽ اها قربانگاهہ جي سامهون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن.


اهو تئي تي تيل سان پچائجي؛ جڏهن اهو پچي، تڏهن تون اهو اندر کڻي اچج، ۽ تون انهي پڪل ميدي جا ٽڪر ٽڪر ڪري، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ