Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 9:27 - Sindhi Bible

27 ۽ اُهي خدا جي گهر جي آس پاس رهندا هئا، ڇالاءِ جو انهن جي سنڀال مٿن هوندي هئي ۽ روزبروز صبح جو انهن کي کولڻ سندن ذمي هوندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 اهي خدا جي گھر جي چوگرد رات گذاريندا هئا، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي نگهباني ڪرڻ ۽ هر روز صبح جو انهيءَ جا دروازا کولڻ سندن ذميواري هوندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 9:27
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو چار مکيہ دربان، جي لاوي هوندا هئا، سي ٺهرايل عهدي تي هوندا هئا، ۽ اهي خدا جي گهر ۾ ڪوٺين تي ۽ خزانن تي هوندا هئا.


۽ انهن مان ڪي عبادت جي ٿانوَن جي سنڀال ڪندا هئا؛ ڇالاءِ جو اُهي شمار سان اندر آڻبا هئا ۽ شمار سان ٻاهر ڪڍبا هئا.


اي خداوند جا سڀ بندا، جي رات جو خداوند جي گهر ۾ ٿا بيهو، هاڻي خداوند کي مبارڪ چئو.


۽ خداوند جي گهر ۾ خدا جي بندي حنان بن يجدلياہ جي پٽن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو سان، جا اميرن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربان مسعياہ بن سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي:


شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس.


يا جي خدمت ملي هجي تہ پنهنجي خدمت ۾ پاڻ کي مشغول رکون؛ يا جيڪو تعليم ڏيڻ وارو هجي سو تعليم ڏيڻ ۾ لڳو رهي؛


۽ سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو، ۽ پوءِ اُٿي خداوند جي گهر جا در کوليائين. ۽ سموئيل عيلي کي انهي رويا جي بيان ڪري ٻڌائڻ کان ڊنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ